وزيراعظم پاران نار ۾ تازي ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار، سموريون ڌريون تحمل جو مظاهرو ڪندي اهڙن قدمن کان پاسو ڪن جيڪي خطي ۾ وڌيڪ عدم استحڪام جو سبب بڻجي سگهن ٿا: وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايراني گهرو وزير اسڪندر مومني سان ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 21 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نار ۾ تازي ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي سمورين ڌرين تي زور ڀريو آهي ته اهي تحمل جو مظاهرو ڪندي اهڙن قدمن کان پاسو ڪن جيڪي خطي ۾ وڌيڪ عدم استحڪام جو سبب بڻجي سگهن ٿا. هو اسلامي جمهوريه ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني سان ڳالهائي رهيو هو جنهن اڱاري ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ …

اسلام آباد – 21 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نار ۾ تازي ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي سمورين ڌرين تي زور ڀريو آهي ته اهي تحمل جو مظاهرو ڪندي اهڙن قدمن کان پاسو ڪن جيڪي خطي ۾ وڌيڪ عدم استحڪام جو سبب بڻجي سگهن ٿا. هو اسلامي جمهوريه ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني سان ڳالهائي رهيو هو جنهن اڱاري ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو صلاحڪار ڊاڪٽر سيد توقير شاهه، گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ اعلى سرڪاري عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم هن مهيني جي شروع ۾ تهران جي پنهنجي دوري جو ذڪر ڪندي جتي هن مرحوم سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي جنازي ۾ شرڪت ڪئي، سپريم ليڊر آيت الله سيد مجتبى حسيني خامنه اي ۽ صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي لاءِ پنهنجي نيڪ خواهشن ۽ احترام جو پيغام پهچايو. وزيراعظم نار ۾ تازي ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي سمورين ڌرين تي زور ڀريو آهي ته اهي تحمل جو مظاهرو ڪن ۽ اهڙن قدمن کان پاسو ڪن جيڪي خطي ۾ وڌيڪ عدم استحڪام جو سبب بڻجي سگهن ٿا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان هڪ ديانتدار ۽ مخلص ثالث ۽ سهولتڪار جي طور تي پنهنجو ڪردار جاري رکندو ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني اسلام آباد ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا. هن ايراني قيادت پاران وزيراعظم جي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ خيرسگالي جو پيغام پڻ پهچايو. هن چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعلى سرڪاري عملدارن تي ٻڌل وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. ايراني گهرو وزير اسڪندر مومني وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ثالثي جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو جن جي نتيجي ۾ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت طئي ٿي. هن مرحوم سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي جنازي ۾ شرڪت جي لاءِ وزيراعظم جي تهران جي دوري تي به سندس ٿورا ادا ڪيا.

مزید خبریں