اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينھن تيزي جو رجحان برقرار رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 205.83 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 176133.56 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 566 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 268 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 191 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 107 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪاروباري سيشن دوران ريڊي …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي برقرار، 100 انڊيڪس 206 پوائنٽس اضافي سان بند
اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينھن تيزي جو رجحان برقرار رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 205.83 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 176133.56 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 566 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 268 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 191 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 107 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪاروباري سيشن دوران ريڊي مارڪيٽ ۾ 1.003 ارب شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 35.702 ارب رپيا رهي، جڏهن ته مارڪيٽ جي مجموعي سيڙپڪاري(مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن) وڌي 19.790 کرب رپيا ٿي وئي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 48.09 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 52663.90 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 22.06 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 247838.41 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڳاڻيٽي جي اعتبار سان سينر جيڪو پي ڪي سرفهرست رهيو، جنهن جي 263.629 ملين شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، ٽرسٽ بروڪريج جي 111.320 ملين شيئرز ۽ ٽي پي ايل پراپرٽيز جي 73.874 ملين شيئرز جي ليتي ڏيتي رڪارڊ رڪارڊ ڪيو ويو. سڀ کان وڌيڪ اضافو خيبر ٽيڪسٽائل ملز لميٽيڊ جي شيئرز ۾ ٿيو، جنهن جي قيمت 91.84 رپيا وڌي 2163.06 رپين تائين پهچي وئي، جڏهن نيسلي پاڪستان لميٽيڊ جي شيئرز 72.69 رپين جي اضافي سان 7651.92 رپين تي بند ٿيا.












