عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل ۽ جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي، سون ۽ چانڊي ۾ اضافي جو رجحان

اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اڱاري ڏينهن ڪچي تيل ۽ جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي، جڏهن ته سون ۽ چانڊي جي قيمت ۾ اضافي جو رجحان رهيو. بلومبرگ مطابق ڪاروباري سرگرمين دوران ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جي آگسٽ لاءِ سودا 0.52 ڊالر جي گهٽتائي سان 82.71 ڊالر في بيرل، جڏهن ته برينٽ نارٿ سي ڪروڊ جا سيٽپمبر لاءِ سودا 0.83 ڊالر جي گهٽتائي سان 88.39 ڊالر …

اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اڱاري ڏينهن ڪچي تيل ۽ جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي، جڏهن ته سون ۽ چانڊي جي قيمت ۾ اضافي جو رجحان رهيو. بلومبرگ مطابق ڪاروباري سرگرمين دوران ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جي آگسٽ لاءِ سودا 0.52 ڊالر جي گهٽتائي سان 82.71 ڊالر في بيرل، جڏهن ته برينٽ نارٿ سي ڪروڊ جا سيٽپمبر لاءِ سودا 0.83 ڊالر جي گهٽتائي سان 88.39 ڊالر في بيرل طئي ٿيا. ڪموڊٽي مارڪيٽ ۾ جنسن جي قيمتن ۾ به گهٽتائي جي صورتحال رهي ۽ مڪئي جا ڊسمبر لاءِ سودا هڪ ڊالر گهٽتائي سان 472 ڊالر في بشل، جڏهن ته ڪڻڪ جي سيٽپمبر جا سودا هڪ ڊالر گهٽتائي سان 673 ڊالر في بشل طئي ٿيا. سون ۽ چانڊيءَ جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان ڏٺو ويو. سون جي قيمت 58.60 ڊالر اضافي سان 4074.50 ڊالر في اونس، جڏهن ته چانڊي جي قيمت 2.19 ڊالر بهتري سان 59.27 ڊالر في اونس جي سطح تي رڪارڊ ڪئي وئي. 

مزید خبریں