اسلام آباد - 21 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ صحت وارن وفاقي وزيرن جي صدارت ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ قومي آبادي استحڪام منصوبو 36-2026ع جي شروعاتي مسودي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران قومي آبادي استحڪام منصوبي 36-2026ع جي شروعاتي مسودي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي اتفاق ڪيو ويو ته منصوبي جو حتمي مسودو رٿابندي ۽ قومي صحت …
رٿابندي ۽ صحت واري وفاقي وزيرن جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ صحت وارن وفاقي وزيرن جي صدارت ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ قومي آبادي استحڪام منصوبو 36-2026ع جي شروعاتي مسودي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران قومي آبادي استحڪام منصوبي 36-2026ع جي شروعاتي مسودي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي اتفاق ڪيو ويو ته منصوبي جو حتمي مسودو رٿابندي ۽ قومي صحت واريون وزارتون گڏيل طور تيار ڪنديون. اجلاس ۾ اهو به طئي ٿيو ته حتمي مسودو منظوري ۽ مشاورت لاءِ سمورن صوبن کي موڪليو ويندو جنهن کان پوءِ ان تي وڌيڪ غور ويچار لاءِ قومي آبادي ڪائونسل سامهون پيش ڪيو ويندو. ٻنهي وفاقي وزيرن ملڪ کي درپيش آبادي جي چئلينج کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته آبادي ۾ پائيدار استحڪام ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ مربوط قومي حڪمت عملي اڻٽر آهي. هنن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته منصوبي تي موثر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ ويجهي تعاون، موثر رابطاڪاري ۽ هم آهنگي انتهائي اهم آهي. اجلاس ۾ صحت واري سيڪريٽري، ڊي جي پاپوليشن، ميمبر پاپوليشن، رٿابندي وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي.











