اسلام آباد - 21 جولاءِ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان ڪويت فارن پيٽروليم ايڪسپلوريشن ڪمپني (ڪي يو ايف پي اي سي) جي نائب صدر آپريشنز طارق ابراهيم ملاقات ڪئي جنهن دوران پاڪستان جي پيٽروليم جي شعبي ۾ گڏيل تعاون ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جي موقعن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب وفاقي وزير چيو ته ڪويت پاڪستان …
پيٽروليم واري وزير سان ڪي يو ايف پي اي سي جي نائب صدر آپريشنز جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 جولاءِ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان ڪويت فارن پيٽروليم ايڪسپلوريشن ڪمپني (ڪي يو ايف پي اي سي) جي نائب صدر آپريشنز طارق ابراهيم ملاقات ڪئي جنهن دوران پاڪستان جي پيٽروليم جي شعبي ۾ گڏيل تعاون ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جي موقعن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب وفاقي وزير چيو ته ڪويت پاڪستان جو ويجهو دوست ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ 50 سالن کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل مضبوط شراڪتداري قائم آهي. هنن ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت ان پراڻي تعلق کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ سمورا ممڪن قدم جاري رکندي. طارق ابراهيم سيڙپڪاري جي موقعن جي فراهمي ۾ حڪومتي تعاون تي وفاقي وزير جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته ڪي يو ايف پي اي سي پاڪستان جي اپ اسٽريم توانائي جي شعبي ۾ پنهنجي موجودگي ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي. وفاقي وزير ڪويت فارن پيٽروليم ايڪسپلوريشن ڪمپني کي پاڪستان حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائيندي چيو ته حڪومت عالمي سيڙپڪارن لاءِ پيٽروليم جي شعبي ۾ سازگار، شفاف ۽ سيڙپڪار دوست ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.











