اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته جاپان ۾ 9 کان 12 مارچ 2027ع تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش 52هين فوڊ ايڪس جاپان ۾ شرڪت لاءِ 30 جولاءِ تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش جاپان جي شهر ٽوڪيو ۾ 9 کان 12 مارچ تائين جاري رهندي، نمائش ۾ پاڪستان جي مقامي پراسيس …
جاپان ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 30 جولاءِ تائين طلب

مزید خبریں
اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آهي ته جاپان ۾ 9 کان 12 مارچ 2027ع تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش 52هين فوڊ ايڪس جاپان ۾ شرڪت لاءِ 30 جولاءِ تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش جاپان جي شهر ٽوڪيو ۾ 9 کان 12 مارچ تائين جاري رهندي، نمائش ۾ پاڪستان جي مقامي پراسيس فوڊ. بيوريجز، حلال فوڊ، سي فوڊ، گوشت ۽ فوڊ سيفٽي سان واڳيل ماڻهو پنهنجي مصنوعات عالمي خريدارن آڏو پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجا ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.











