پاڪستان ۽ ڪئناڊا پاران واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن جي فروغ جي ذريعي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار: گڏيل پڌرنامو

اسلام آباد - 21 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪئناڊا ٻطرفي رابطن ۾ نئين اڳڀرائي جي آجيان ڪندي واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن جي فروغ جي ذريعي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري گڏيل پڌرنامي ۾ ٻنهي ملڪن اقتصادي، تعليمي ۽ اداراجاتي رابطن جي فروغ تي زور ڏنو. گڏيل پڌرنامي موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار …

اسلام آباد – 21 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪئناڊا ٻطرفي رابطن ۾ نئين اڳڀرائي جي آجيان ڪندي واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن جي فروغ جي ذريعي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري گڏيل پڌرنامي ۾ ٻنهي ملڪن اقتصادي، تعليمي ۽ اداراجاتي رابطن جي فروغ تي زور ڏنو. گڏيل پڌرنامي موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند 20 جولاءِ 2026ع تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو. پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هي سندس پاڪستان جو پهريون دورو هو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزارت ۾ ڪينيڊين پرڏيهي وزير انيتا آنند جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، جن ۾ پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي ٻطرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين ٻطرفي رابطن ۾ نئين اڳڀرائي جي آجيان ڪندي واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن جي فروغ جي ذريعي لاڳاپن ي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪينيڊين پرڏيهي وزير کي خطي ۾ جاري تڪرار جي حوالي سان پاڪستان جي ثالثي جي ڪوششن کان پڻ آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير انيتا آنند پاڪستان جي ان ڪردار کي ساراهيو جنهن جي نتيجي ۾ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت طئي ٿي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پائيدار جنگبندي جي ضرورت ۽ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تحت ڪيل واعدن تي عملدرآمد جي اهميت تي زور ڏنو. هنن عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ، امن ۽ خوشحالي جي فروغ جي لاءِ تعاون جاري رکڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن فيبروري 2026ع ۾ منعقد ٿيندڙ ٻطرفي مشاورتي اجلاس جي ڇهين دور کي ڪامياب قرار ڏيندي ان پليٽ فارم جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو، ته جيئن گڏيل ترجيحن کي اڳتي وڌائي سگهجي ۽ اسٽريٽجڪ تعاون جا نوان موقعا ڳولي سگهجن. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي، تعليمي ۽ اداراجاتي رابطن جي فروغ تي زور ڏنو. ڌرين ڪئناڊا ۾ رهندڙ 3 لک کان وڌيڪ پاڪستاني ڄائي ماڻهن ۽ 9 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شاگردن جي خدمتن کي ساراهيندي عوامي رابطن، ثقافتي مٽاسٽا، سياحت ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اچ وڃ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هنن پارلياماني رابطن جي اهميت کي پڻ تسليم ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي وزير انيتا آنند واپار ۽ سيڙپڪاري کي گڏيل خوشحالي ۽ اقتصادي اسدتحڪام جو اهم ذريعو قرار ڏنو. ٻنهي پاڪستان – ڪئناڊا غيرملڪي سيڙپڪاري جي تحفظ ۽ فروغ جي معاهدي (ايف آءِ پي اي) تي ٿيندڙ اڳڀرائي جي آجيان ڪئي ۽ ڳالهيون جلد مڪمل ڪرڻ  جي لاءِ باقاعده رابطو جاري رکڻ تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان – ڪئناڊا واپار ۽ سيڙپڪاري بابت گڏيل ورڪنگ گروپ کي ٻيهر فعال ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو جڏهن ته پاڪستان ۾ ڪينيڊين سيڙپڪاري جو جائزو ورتو ۽ صاف توانائي، کاڻين جي کوٽائي، اهم معدنيات، بنيادي ڍانچي، زراعت، اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز، ماحولياتي تحفظ ۽ پائيداري سميت ترجيحي شعبن ۾ ڪاروباري تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن وڌيڪ ڪاروباري وفدن جي مٽاسٽا جي پڻ آجيان ڪئي. توانائي جي تحفظ ۽ توانائي جي ذريعن جي اهميت کي تسليم ڪندي ٻنهي وزيرن شمسي، هوا ۽ بيٽري اسٽوريج ٽيڪنالاجيز سميت قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي تي اتفاق ڪيو. هنن ان ڳالهه جي آجيان ڪئي ته ڪينيڊين ڪمپني جي سي ايم پاور جي 240 ميگاواٽ ڌاٻيجي هائبرڊ ونڊ سولر منصوبي جي لاءِ ڪامياب واڪ، جيڪا ڪي اليڪٽرڪ جي حصيداري سان آهي، کي سموريون ضروري ريگيوليٽري منظوريون حاصل ٿي چڪيون آهن. اها اهم سيڙپڪاري پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي جي فراهمي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندي. ٻنهي وزيرن غذائي تحفظ ۽ خوراڪ جي فراهمي جي لاءِ مستحڪم منڊيءَ تائين پهچ جي اهميت تي اتفاق ڪيو. هنن ان شعبي ۾ جاري تعاون جي آجيان ڪندي ڪينولا، تيل واري ٻج، دالين، سويابين، اناج، چانور، مصالحن ۽ ميون سميت زرعي واپار ۾ ٻطرفي اضافي جي حوصلا افزائي ڪئي. ان کانسواءِ زرعي خوراڪ جي ويليو چين، زرعي ٽيڪنالاجي، غذائي تحفط، حفظان صحت ۽ نباتاتي صحت جي معيارن ۽ ضابطن تي تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ان ڏس ۾ ٻنهي اڳواڻن ڪينيڊين ڪينولا جي درآمد جي لاءِ اڳڪٿي جي قابل نباتاتي صحت جي شرطن تي ٻڌل نئين پروٽوڪول تي صحيحون ڪيون. پاڪستان جي نيشنل ايگري ٽريڊ اينڊ فوڊ سيفٽي اٿارتي، ماحولياتي تحفظ ايجنسي ۽ ڪينيڊين فوڊ انسپيڪشن ايجنسي پڻ ٽيڪنيڪي تعاون ۽ صلاحيت وڌائڻ جا موقعا ڳوليندي. ڌرين عالمي سپلاءِ چينز ۾ اهم معدنيات جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪستان جي معدني وسيلن ۽ ذميواراڻي کاڻين جي کوٽائي ۾ ڪئناڊا جي مهارت کي نظر ۾ رکندي ٻنهي ملڪن کاڻين جي کوٽائي جي پوري ويليو چين، بشمول معدني ڳولا ۽ لاڳاپيل خدمتن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير انيتا آنند نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار کي 2027ع ۾ ڪئناڊا ۾ منعقد ٿيندڙ پي ڊي اي سي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني. ٻنهي ملڪن گڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز تي پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ ويجهي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. آٻنهي اڳواڻن علائقائي امن ۽ سلامتي، شهري آباديءَ ۽ معيشت تي ان جي اثرن، افغانستان جي صورتحال ۽ دهشتگردي جي جاري خطري تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته ڌرين دهشتگردي جي خاتمي ۽ عالمي منظم ڏوهن جي خلاف تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير انيتا آنند اعلان ڪيو ته ڪئناڊا گڏيل قومن، انٽرپول ۽ ٻين ادارن جي ذريعي مختلف منصوبن تحت پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو. موسمياتي تبديلي ۽ غربت جهڙن عالمي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي پرڏيهي وزير انيتا آنند تعليم، موسمياتي تبديلي ۽ صحت جي شعبن ۾ ترقياتي معاونت جي نئين منصوبن جو اعلان ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ ڪئناڊا جا لاڳاپا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن، جتي ٻنهي ملڪن جي مختلف شعبن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪندي گڏيل مفادن کي فروغ ڏنو ويندو. ٻنهي ڌرين اعلى سطح جي رابطن کي مستقل بنيادن تي جاري رکڻ ۽ اڳڀرائي جو ساليانو جائزو وٺڻ تي اتفاق ڪيو.

مزید خبریں