لاهور- 21 جولاءِ (اي پي پي) پنجاب جي اڪثر دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول وارو آهي. پي ڊي ايم اي مطابق سنڌو درياهه ۾ ڪالا باغ ۽ چناب درياهه ۾ خانڪي وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ واري صورتحال آهي. سنڌو درياءَ ۾ ڪالا باغ وٽ پاڻي جو وهڪرو 2 لک 69 هزار ۽ ڇوڙ 2 لک 62 هزار آهي . خانڪي وٽ پاڻي جو وهڪرو هڪ لک 13 هزار …
دريائن جي پسگردائي ۾ موجود ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي وڃن: ڊي جي پي ڊي ايم اي

مزید خبریں
لاهور- 21 جولاءِ (اي پي پي) پنجاب جي اڪثر دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول وارو آهي. پي ڊي ايم اي مطابق سنڌو درياهه ۾ ڪالا باغ ۽ چناب درياهه ۾ خانڪي وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ واري صورتحال آهي. سنڌو درياءَ ۾ ڪالا باغ وٽ پاڻي جو وهڪرو 2 لک 69 هزار ۽ ڇوڙ 2 لک 62 هزار آهي . خانڪي وٽ پاڻي جو وهڪرو هڪ لک 13 هزار ۽ ڇوڙ هڪ لک 6 هزار آهي جڏهن ته تربيلا، تونسه ۽ چشمه وٽ پاڻي جو وهڪرو معمول وارو آهي. چناب درياهه ۾ مرالا، تريمن، پنجند ۽ قادر آباد وٽ پاڻي جو وهڪرو نارمل آهي، راوي درياهه ۾ جسٽ، شاهدره، هيڊ سدنائي ۽ بلوڪي وٽ پاڻي جو وهڪرو نارمل آهي. ستلج درياهه ۾ گنڊا سنگهه والا، سيلمانڪي ۽ هيڊ اسلام ۾ پاڻي جو وهڪرو نارمل آهي. ترجمان مطابق راوي درياهه ۽ چناب سان لاڳاپيل نالن ۾ به ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي . اهڙي طرح ڊيره غازي خان ۾ پاڻي جو وهڪرو نارمل آهي پر فليش فلڊنگ جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي . ترجمان مطابق 24 جولاءِ تائين پنجاب جي دريائن ۾ پاڻي جي صورتحال ۾ اضافي جو خدشو آهي جڏهن ته لاهور، گوجرانولا سيالڪوٽ، سرگوڌا، اوڪاڙا، ساهيوال، بهاولنگر ۽ راولپنڊي ڊويزن ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو آهي. ڊي جي پروفيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) عمر عباس چيو ته دريائن جي پيٽ ۾ موجود شهري فوري محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي وڃن. پنجاب حڪومت طرفان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ فلڊ رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. فلڊ رليف ڪيمپن ۾ سموريون بنيادي سهولتون ۽ دوائون فراهم ڪيون وينديون. هن شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو خراب موسم ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي احتياطي تدبيرون اختيار ڪن.











