اسلام آباد-21 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ نئين چونڊيل حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه گلگت بلتستان جي وڏي وزير امجد حسين سان ڳالهائيندي چئي، جنهن اسلام آباد ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم امجد حسين کي گلگت بلتستان جي وڏ وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. …
وفاقي حڪومت گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ نئين چونڊيل حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد-21 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ نئين چونڊيل حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه گلگت بلتستان جي وڏي وزير امجد حسين سان ڳالهائيندي چئي، جنهن اسلام آباد ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم امجد حسين کي گلگت بلتستان جي وڏ وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. مُلاقات ۾ گلگت بلتستان جي وڏي وزير ۽ وزيراعظم گلگت بلتستان جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت گلگت بلتستان جي ڀلائي لاءِ قابل تجديد توانائي، سياحت، انفراسٽرڪچر، صحت، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ قدم کڻي رهي آهي. 100 ميگاواٽ شمسي توانائي جو منصوبو ۽ دانش اسڪولن جي قيام جا منصوبا سرفهرست آهن. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت گلگت بلتستان جي عوام جي سهولت لاءِ گلگت ۾ پاڪستان آسان خدمت سينٽر قائم ڪرڻ جو منصوبو جوڙي رهي آهي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وزير احسن اقبال ۽ اقتصادي معاملن وارو وزير احد خان چيما پڻ موجود هئا.











