نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي جي ملاقات

اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي هتي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس مُوجب نائب وزيراعظم سفير کي هدايت ڪئي ته هو شنگھائي ۾ چين  جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان سندس تازي ملاقات دوران طئه عيندڙ مفاهمت جي يادداشتن تي فعال انداز ۾ عملدرآمد جي اڳڀرائي کي اڳتي وڌائي. هن واپار، سيڙپڪاري، مصنوعي …

اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي هتي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس مُوجب نائب وزيراعظم سفير کي هدايت ڪئي ته هو شنگھائي ۾ چين  جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان سندس تازي ملاقات دوران طئه عيندڙ مفاهمت جي يادداشتن تي فعال انداز ۾ عملدرآمد جي اڳڀرائي کي اڳتي وڌائي. هن واپار، سيڙپڪاري، مصنوعي ذهانت، اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۽ ٻين گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيئي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل ڀائيواري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو.