ايران جي گهرو وزير سڪندر مومني جو يادگارِ پاڪستان جو دورو

اسلام آباد-21 جولاءِ (اي پي پي) ايران جي گهرو وزير سڪندر مومني يادگارِ پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري مُلڪ لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو. يادگارِ پاڪستان تي پهچڻ تي، گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري سندس شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي، فيڊرل ڪانسٽيبلري جي دستي ايراني گهرو وزير کي سلامي پيش ڪئي. ايران جي گهرو وزير …

اسلام آباد-21 جولاءِ (اي پي پي) ايران جي گهرو وزير سڪندر مومني يادگارِ پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري مُلڪ لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو. يادگارِ پاڪستان تي پهچڻ تي، گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري سندس شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي، فيڊرل ڪانسٽيبلري جي دستي ايراني گهرو وزير کي سلامي پيش ڪئي. ايران جي گهرو وزير شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي، فاتحه خواني ڪئي ۽ شهيدن جي عظيم قربانين جي اعتراف ۾ خاموشي اختيار ڪئي. بعد ۾ ايران جي گهرو وزير کي يادگار پاڪستان جي تاريخي پس منظر، فن تعمير ۽ ثقافتي ورثي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ايران جي گهرو وزير شهيدن جي يادگار ۽ يادگارِ پاڪستان جي تاريخي ۽ قومي اهميت کي ساراهيو. دوري دوران، هن شڪر پڙيان وٽان اسلام آباد جي خوبصورتي ۽ دلڪش مارگلا جابلو سلسلي جو به نظارو ڪيو. ان موقعي تي آءِ جي فيڊرل ڪانسٽيبلري رياض نذير گاڙا ۽ ڊي آءِ جي اسلام آباد سميت ٻيا اعليٰ سول ۽ پوليس آفيسر به موجود هئا.