راولپنڊي- 20 جولاءِ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير عالمي امن ۽ علائقائي استحڪام جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کي اجاڳر ڪندي گڏيل سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل تعاون ۽ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڀريو آهي. سومر ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس …
چيف آف آرمي اسٽاف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير جي ملاقات

مزید خبریں
راولپنڊي- 20 جولاءِ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير عالمي امن ۽ علائقائي استحڪام جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کي اجاڳر ڪندي گڏيل سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل تعاون ۽ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڀريو آهي. سومر ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي سلامتي ۽ پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون. فيلڊ مارشل عالمي امن ۽ علائقائي استحڪام جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کي اجاڳر ڪندي گڏيل سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل تعاون ۽ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڀريو. ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن ۽ قربانين کي ساراهيو ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار جي به تعريف ڪئي. ٻنهي ڌرين ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ دفاعي ۽ سيڪيورٽي شعبن ۾ تعاون ۽ رابطن کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.










