اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحييٰ آفريدي چيو آهي ته انصاف تائين پهچ صرف قانوني ڪارروائين تائين محدود ناهي پر انهن هنڌن سان به ڳڍيل آهي جتي شهري انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا آهن، عورتن لاءِ باوقار ۽ محفوظ ۽ بااعتماد ماحول تي ٻڌل عدالتي سهولتون انصاف جي نظام تي عوامي اعتماد کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي مان …
عورتن لاءِ باوقار ۽ محفوظ عدالتي سهولتن وارو نظام انصاف تي عوامي اعتماد کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو: چيف جسٽس پاڪستان
اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس يحييٰ آفريدي چيو آهي ته انصاف تائين پهچ صرف قانوني ڪارروائين تائين محدود ناهي پر انهن هنڌن سان به ڳڍيل آهي جتي شهري انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا آهن، عورتن لاءِ باوقار ۽ محفوظ ۽ بااعتماد ماحول تي ٻڌل عدالتي سهولتون انصاف جي نظام تي عوامي اعتماد کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي مان جاري پڌرائي مطابق سپريم ڪورٽ آڊيٽوريم ۾ جسٽس اسپيس عورت سهولت مرڪز لاءِ آئيڊياز ڊيزائن مقابلي جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس، عورت سهولت مرڪز لاءِ پيش ڪيل جديد ۽ تخليقي ڊيزائنز کي ساراهيو. اهو مقابلو قومي جوڊيشل (پاليسي ميڪنگ) ڪميٽي جي سرپرستي ۾ انسٽيٽيوٽ آف آرڪيٽيڪٽس پاڪستان، راولپنڊي اسلام آباد چيپٽر منعقد ڪيو، جنهن جو مقصد اهڙين عورتون سهولت مرڪز جي ڊيزائن تيار ڪرڻ هو جيڪي انصاف جي ادارن کي عورتن لاءِ وڌيڪ آسان، جامع ۽ انهن جي ضرورتن سان هم آهنگ بڻائي سگهجي. تقريب ۾ هاءِ ڪورٽس جي چيف جسٽس، ڊيزائن مقابلي جي جيوري ميمبرن، مبصرن ۽ آرڪيٽيڪچر سان واڳيل شخصيتن شرڪت ڪئي. چيف جسٽس، ڪامياب آرڪيٽيڪٽس کي مبارڪون ڏيندي مقابلي ۾ شريڪ سمورن شرڪت ڪندڙن، مشهور جيوري، انسٽيٽيوٽ آف آرڪيٽيڪٽس پاڪستان ۽ پاڪستان ڪائونسل آف آرڪيٽيڪٽس اينڊ ٽائون پلانرز جي ڪاوشن کي ساراهيو ۽ ان کي انصاف تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ طرف هڪ اهم قومي قدم قرار ڏنو. تقريب جي پڄاڻي تي مقابلي جي ڪامياب ڊيزائنز جو اعلان ڪيو ويو ۽ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شرڪت ڪندڙن ۾ انعام ورهايا ويا.











