اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي وفد چيف ايڊوائيزر ملڪ خدا بخش جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي نظام، ڊي ريگيوليشن ۽ پيٽروليم ڊيلرز بابت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون. ملاقات دوران پي پي ڊي اي جي وفد آبناءِ هرمز جي بحران دوران سڄي ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي بنا …
پيٽروليم واري وفاقي وزير سان پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي وفد چيف ايڊوائيزر ملڪ خدا بخش جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي نظام، ڊي ريگيوليشن ۽ پيٽروليم ڊيلرز بابت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون. ملاقات دوران پي پي ڊي اي جي وفد آبناءِ هرمز جي بحران دوران سڄي ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائڻ تي حڪومت ۽ پيٽروليم وزارت جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي. وفد جو چوڻ هو ته خطي ۾ غير يقيني صورتحال باوجود پاڪستان ۾ ٻارڻ جي فراهمي متاثر نه ٿي جيڪو وقت سر ۽ موثر حڪومتي قدمن جو نتيجو آهي. چيف ايڊوائيزر ملڪ خدا بخش چيو ته جتي ڪيترن ئي پاڙيسري ملڪن ۾ پيٽروليم مصنوعات جي کوٽ سبب امن امان جي صورتحال متاثر ٿي اتي پاڪستان موثر حڪمت عملي ذريعي ٻارڻ جي مسلسل فراهمي برقرار رکي. هن حڪومتي پاليسين جي مڪمل حمايت جي خاطري به ڪرائي. وفاقي وزير علي پرويز ملڪ وفد کي هفتيوار بدران روزانو بنيادن تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي اعلان جي نئين نظام کان آگاهه ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته نئون نظام عالمي قيمتن جي 7 ڏينهن واري رولنگ سراسري جي بنياد تي ڪم ڪندو. هن چيو ته اڳ ۾ به قيمتن جو تعين ستن ڏينهن جي سراسري تي هوندو هو جڏهن ته هاڻي قيمتن کي روزانو اپ ڊيٽ ڪيو ويندو ته جيئن شفافيت ۾ اضافو ٿئي. مارڪيٽ ۾ هٿرادو لاها چاڙها گهٽ ٿين ۽ عالمي قيمتن جي بهتر عڪاسي ممڪن بڻجي سگهي. پي پي ڊي اي ان نئين نظام جي حمايت جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته حڪومت شفافيت کي هٿي ڏيڻ ۽ صارفين جي تحفظ لاءِ مارڪيٽ تي ٻڌل قيمتن جي نظام طرف اڳڀرائي ڪري رهي آهي. هن چيو ته وقفي وقفي سان قيمتن جا اعلان ڪجهه وقت ذخيرو اندوزي ۽ مارڪيٽ ۾ هيرا ڦيري جو سبب بڻجندا هئا، جڏهن ته 7 ڏينهن جي رولنگ سراسري تي ٻڌل روزاني قيمتن جو نطام اهڙي غير ضروري رجحانن جي حوصلا شڪني ڪندو. وفد مطالبو ڪيو ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ ڊيلرز وچ ۾ قاعدن ۽ ضابطن ۽ آپريشنل طريقيڪار واضح ڪرڻ وقت پيٽروليم ڊيلرز سان به مشاورت ڪئي وڃي. ان کان علاوه وفد ڊيلرز جي منافعي جي مارجن ۾ ڊگهي عرصي کان نظرثاني نه هئڻ جو معاملو اٿاريندي ان کي وڌائي 8 سيڪڙو ڪرڻ جي درخواست ڪئي. وفاقي وزير خاطري ڪرائي ته ڊيلرز جي راءِ کي پاليسي سازي ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ منافعي جي مارجن سميت ٻين مسئلن تي اڳڀرائي ڪئي ويندي.










