اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل 2 ڏينهن اڳ نارٿ ناظم آباد ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي انساني اسمگلنگ ۾ ملوث 7 رڪني گينگ کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي ترجمان مطابق جوابدارن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مختلف نالن سان آفيسون قائم ڪري شهرين کي يورپ موڪلڻ جو آسرو ڏيندا هئا. جوابدارن ڪرائي جي عمارت ۾ باقاعده آفيس قائم ڪئي هئي، جتان غيرقانوني سرگرميون …
ايف آءِ اي جي وڏي ڪاميابي، انساني اسمگلنگ ۾ ملوث 7 رڪني گينگ گرفتار

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل 2 ڏينهن اڳ نارٿ ناظم آباد ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪندي انساني اسمگلنگ ۾ ملوث 7 رڪني گينگ کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي ترجمان مطابق جوابدارن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مختلف نالن سان آفيسون قائم ڪري شهرين کي يورپ موڪلڻ جو آسرو ڏيندا هئا. جوابدارن ڪرائي جي عمارت ۾ باقاعده آفيس قائم ڪئي هئي، جتان غيرقانوني سرگرميون هلائي رهيا هئا. ڇاپن دوران سوين پاڪستاني پاسپورٽس، جديد هٿيار، پوليس جون ورديون، ليپ ٽاپس ۽ ٻيا اهم ثبوت هٿ ڪيا ويا. جاچ مطابق جوابدارن شهرين کان پرڏيهه ملڪ ۾ ملازمت ۽ ويزا جي نالي تي 8 کان 10 لک رپيا في ڪس وصول ڪندا هئا. شروعاتي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو ته جوابدارن ڪنهن به متاثر شخص کي ويزا فراهم نه ڪندا هئا، پر مختلف بهانن کان انهن کي گمراهه رهندا هئا. شهري جڏهن ويزا يا رقم جي واپسي جو مطالبو ڪندا ته جوابدارن جا ساٿي پوليس جي جعلي ورديون پائي انهن کي ڌمڪائيندا ۽ هراسان ڪندا هئا. هن وقت تائين 52 متاثر شهري سامهون اچي چڪا آهن، جڏهن وڌيڪ متاثرن جي نشاندهي ۽ ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن. شروعاتي جاچ مطابق اهو منظم نيٽ ورڪ گذريل 5 سال کان انساني اسمگلنگ ۽ فراڊ جي سرگرمين ۾ ملوث هئا. ايف آءِ اي نيٽ ورڪ جي وڌيڪ سهولتڪارن جي گرفتاري ۽ مالي معاملن جي جاچ جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪري ڇڏيو آهي.










