صدر آصف علي زرداري پاران برطانيا جي نئين چونڊيل وزيراعظم اينڊي برنهم کي وزارت عظمى جو عهدو سنڀالڻ تي دلي مبارڪون

اسلام آباد - 20 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري برطانيا جي نئين چونڊيل وزيراعظم اينڊي برنهم کي وزارت عظمى جو عهدو سنڀالڻ تي دلي مبارڪباد ڏني آهي. سومر ڏينهن ايڪس تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ صدر اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم اينڊي برنهم جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ پراڻي ٻطرفي حصيداري وڌيڪ مضبوط ٿيندي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي …

اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري برطانيا جي نئين چونڊيل وزيراعظم اينڊي برنهم کي وزارت عظمى جو عهدو سنڀالڻ تي دلي مبارڪباد ڏني آهي. سومر ڏينهن ايڪس تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ صدر اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم اينڊي برنهم جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ پراڻي ٻطرفي حصيداري وڌيڪ مضبوط ٿيندي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ملندي. صدر آصف علي زرداري ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته فيبروري جي آخر کان دنيا خاص طور تي نار خطو هڪ هنگامي حالتن جي دور مان گذري رهيو آهي ۽ پاڪستان ڪيترن ئي ڀائر ملڪن جي تعاون سان امن جي فروغ ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم اينڊي برنهم جي قيادت ۾ برطانيا به موجوده ڇڪتاڻ ۽ دشمنين جي خاتمي، جنگبندي جي قيام ۽ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت طرف واپسي جي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندو. صدر آصف علي زرداري وزيراعظم اينڊي برنهم جي لاءِ سندس نئين ذميوارين ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته هو پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ پائيدار ۽ مضبوط لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي.

مزید خبریں