اسلام آباد - 20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اينڊي برنهم کي برطانيا جي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. سومر ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف اينڊي برنهم جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هو پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جي تاريخي ۽ گهري رشتن …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران اينڊي برنهم کي برطانيا جي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اينڊي برنهم کي برطانيا جي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. سومر ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف اينڊي برنهم جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هو پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جي تاريخي ۽ گهري رشتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته اهي خصوصي لاڳاپا برطانيا ۾ رهندڙ لکين قابل فخر ۽ متحرڪ پاڪستانين جي ذريعي مضبوط آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ پُل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان گڏجي پاڪستان ۽ برطانيا جي لاڳاپن خاص طور تي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي حصيداري کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪنداسين.











