قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سان گڏيل قومن جي عورتن جي تنظيم واري ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي چيف آف اسٽاف محمد نصيري جي ملاقات

اسلام آباد - 20 جولاءِ (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏيل قومن جي عورتن جي تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي چيف آف اسٽاف محمد نصيري ملاقات ڪئي، جنهن م پاڪستان حڪومت ۽ گڏيل قومن جي عورتن جي تنظيم وچ ۾ عورتن جي حقن، صنفي برابري، عورتن ۽ ٻارن کي بااختيار بڻائڻ ۽ جامع طرز حڪمراني کي هٿي ڏيڻ لاءِ …

اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏيل قومن جي عورتن جي تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي چيف آف اسٽاف محمد نصيري ملاقات ڪئي، جنهن م پاڪستان حڪومت ۽ گڏيل قومن جي عورتن جي تنظيم وچ ۾ عورتن جي حقن، صنفي برابري، عورتن ۽ ٻارن کي بااختيار بڻائڻ ۽ جامع طرز حڪمراني کي هٿي ڏيڻ لاءِ جاري شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. هتي جاري ڪيل پريس رليز موجب گڏيل قومن جي عورتن جي تنظيم جي وفد ۾ پاڪستان ۾ عورتن جي ڪنٽري نمائندي جمشيد ايم قاضي ۽ ڊپٽي ڪنٽري نمائنده فهميده اقبال خان به شامل هيون. وفد جي آجيان ڪندي وفاقي وزير پاڪستان سان گڏيل قومن جي عورتن جي تنظيم جي مسلسل تعاون جي تعريف ۽ عورتن جي حقن جي تحفظ، صنفي برابري کي هٿي ڏيڻ، انصاف تائين پهچ بهتر بڻائڻ ۽ موثر پاليسي سازي لاءِانساني حقن واري وزارت ۽ گڏيل قومن جي عورتن جي تنظيم وچ ۾ ويجهي حصيداري تي روشني وڌي. ملاقات دوران عورتن ۽ ٻارن خلاف تشدد جي خاتمي بابت قومي پاليسي تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو، جنهن کي گڏيل قومن جي عورتن جي تنظيم جي فني مدد سان صوبائي حڪومتن، سول سوسائٽي ۽ تعليمي ماهرن سان وسيع مشاورت بعد تيار ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير ان جامع قومي پاليسي کي جلد حتمي صورت ڏيڻ ۽ ان تي موثر عملدرآمد لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين آئينده منعقد ٿيندڙ سارڪ ڪانفرنس تي به ڳالهيون ڪيون ۽ ان کي ڏکڻ ايشيا ۾ صنفي برابري، عورتن جي حقن ۽ جامع ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ علائقائي تعاون جو هڪ اهم پليٽ فارم قرار ڏنو. ملاقات ۾ شاهدين تي ٻڌل پاليسي سازي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي جينڊر ڊيٽا سسٽم کي وڌيڪ مضبطو بڻائڻ، عالمي ذميواريون خاص ڪري عورتن خلاف سمورن قسم جي امتياز جي خاتمي بابت ڪنوينشن ۽ بيجنگ ڊيڪلريشن اينڊ پليٽ فارم فار ايڪشن تحت رپورٽنگ کي موثر بنائڻ، عورتن کي معاشي بااختيار بڻائڻ، ڊجيٽل شموليت ۽ ذميواراڻي مصنوعي ذهانت کي هٿي ڏيڻ تي به ڳالهيون ڪيون. ان سلسلي ۾ عورتن ۽ ٻارن خلاف ٽيڪنالاجي ذريعي ٿيندڙ تشدد کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل تعاون جي امڪانن جو به جائزو ورتو ويو. ملاقات دوران محمد نصيري گڏيل قومن جي عورتن جي تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پاران وفاقي وزير کي تعريفي خط پيش ڪيو جنهن ۾ پاڪستان حڪومت پاران عورتن بابت نائين او آءِ سي وزارتي ڪانفرنس جي ڪامياب بندوبست، ايندڙ ٻن سالن لاءِ ڪانفرنس جي چيئرمين شپ سنڀالڻ ۽ عروتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ صنفي برابري کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي قائداڻي ڪردار جي تعريف ڪئي. هن انساني حقن واري وزارت سان تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ تنظيم جي عزم جو به اظهار ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير عورتن ۽ ٻارن جي حقن جي تحفظ، صنفي برابري کي هٿي ڏيڻ ۽ جامع ۽ پائيدار ترقي لاءِ گڏيل قومن جي عورتن جي تنظيم سان حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حڪومت جي عزم جواظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ پاڪستان ۾ صنفي برابري کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں