اسلام آباد - 20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم حفظ مراتب (وارنٽ آف پريسيڊنس) ۾ تجويز ڪيل ترميمن تي تفصيلي غور فڪر جي لاءِ هڪ اعلى سطح جي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ان ڪميٽي کي بنيادي طور تي اهو مينڊيٽ ڏنو ويو آهي ته اها وارنٽ آف پريسيڊنس جي موجوده قانوني حيثيت جو گهرائي سان جائزو وٺي، “مصطفى امپيڪس ڪيس” جي فيصلي جي روشني ۾ ترميمن جي لاءِ مجاز اٿارٽي …
وزيراعظم پاران حفظ مراتب (وارنٽ آف پريسيڊنس) ۾ تجويز ڪيل ترميمن تي تفصيلي غور فڪر لاءِ اعلى سطح ڪميٽي قائم

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم حفظ مراتب (وارنٽ آف پريسيڊنس) ۾ تجويز ڪيل ترميمن تي تفصيلي غور فڪر جي لاءِ هڪ اعلى سطح جي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ان ڪميٽي کي بنيادي طور تي اهو مينڊيٽ ڏنو ويو آهي ته اها وارنٽ آف پريسيڊنس جي موجوده قانوني حيثيت جو گهرائي سان جائزو وٺي، “مصطفى امپيڪس ڪيس” جي فيصلي جي روشني ۾ ترميمن جي لاءِ مجاز اٿارٽي جو تعين ڪري ۽ سرڪاري عهدن جي درجابندي (رينڪنگ) جي لاءِ شفاف ۽ غيرجانبداراڻا اصول جوڙي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري ڪيل تازي نوٽيفڪيشن موجب قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير کي ان ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. ان اعلى اختياراتي ڪميٽي ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير، قومي صحت ۽ خدمتن واري وفاقي وزير ۽ وزيراعظم جي پي ايم او بابت صلاحڪار کي بطور ميمبر شامل ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ ڪابينا ڊويزن جو سيڪريٽري ڪميٽي جو ميمبر ۽ سيڪريٽري هوندو جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جو سيڪريٽري پڻ ان ڪميٽي جو حصو آهي. ڪميٽي کي اهو خصوصي اختيار پڻ ڏنو ويو آهي ته اها پنهنجي قانوني ۽ انتظامي مدد جي لاءِ ڪنهن به وزارت، ڊويزن يا اداري جي آفيسر يا لاڳاپيل ماهر کي شامل ڪري سگهي ٿي. ڪميٽي جي دائري ۾ سينيٽ جي ڪيبنيٽ سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۽ ان جي چيئرمين پاران ڏنل اڳوڻي سفارشن تي تفصيلي نظرثاني ڪرڻ پڻ شامل آهي. ان سان گڏوگڏ ڪميٽي اهڙا ٺوس قاعدا تيار ڪندي جن تحت مستقبل ۾ ڪنهن به سرڪاري عهدي کي ان لسٽ ۾ شامل، تبديل يا هذف ڪري سگهجي ۽ وارنٽ آف پريسيڊنس کي وقت بوقت اپ ڊيٽ ڪرڻ جي لاءِ هڪ مستقل ۽ خودڪار طريقيڪار پڻ تجويز ڪيو ويندو. نوٽيفڪيشن تحت ڪيبنيٽ ڊويزن ڪميٽي کي سموري سيڪريٽريٽ سپورٽ فراهم ڪندي ۽ ڪميٽي کي پابند ڪيو ويو آهي ته اها هر صورت ۾ 14 ڏينهن جي اندر پنهنجون حتمي سفارشون ۽ ترميمي مسودو وزيراعظم کي پيش ڪري.











