اسلام آباد - 20 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪئناڊا واپار، سيڙپڪاري، سيڪيورٽي ۽ ترقياتي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ٻنهي ملڪن ٻطرفي رابطن کي اداراجاتي بنيادن تي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته ڪئناڊا پاڪستان ۾ سيڪيورٽي ۽ ترقياتي منصوبن جي لاءِ 4 ڪروڙ 70 لک ڪينيڊين ڊالر کان وڌيڪ جي مدد جو اعلان ڪيو آهي. سومر ڏينهن …
پاڪستان ۽ ڪئناڊا پاران واپار، سيڙپڪاري، سيڪيورٽي ۽ ترقياتي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪئناڊا واپار، سيڙپڪاري، سيڪيورٽي ۽ ترقياتي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ٻنهي ملڪن ٻطرفي رابطن کي اداراجاتي بنيادن تي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته ڪئناڊا پاڪستان ۾ سيڪيورٽي ۽ ترقياتي منصوبن جي لاءِ 4 ڪروڙ 70 لک ڪينيڊين ڊالر کان وڌيڪ جي مدد جو اعلان ڪيو آهي. سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ پراڻا ۽ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن جن جو بنياد تاريخي رابطن، عوامي سطح تي مضبوط لاڳاپن ۽ ڪئناڊا ۾ رهندڙ متحرڪ پاڪستاني ڪميونٽي تي آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ان دوري سان پيدا ٿيندڙ مثبت اڳڀرائي کي برقرار رکڻ، اداراجاتي تعاون وڌائڻ، باقاعده ٻطرفي مشاورت ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. محمد اسحاق ڊار چيو ته اقتصادي تعاون ٻطرفي لاڳاپن جو بنيادي ٿنڀ آهي. ان ڏس ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي، ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ رابطي کي فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ڪينيڊين ڪمپنين کي پاڪستان جي ترجيحي شعبن جن ۾ تعليم، توانائي، کاڻين جي کوٽائي ۽ اهم معدنيات، زراعت، بنيادي ڍانچي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي شامل آهن، ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن اعلان ڪيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي موجودگي ۾ ٻئي ملڪ ڪينيڊين ڪينولا جي درآمد جي لاءِ فائيو سينيٽري شرطن بابت هڪ نئين پروٽوڪول تي صحيحون ڪندا جنهن سان درآمدي نظام وڌيڪ شفاف ٿيندو. هن ٻڌايو ته پاڪستان جي نيشنل ايگري ٽريڊ اينڊ فوڊ سيفٽي اٿارٽي، ماحولياتي تحفظ ايجنسي ۽ ڪينيڊين فوڊ انسپيڪشن ايجنسي پڻ خوراڪ جي تحفظ، زرعي واپار، ٽيڪنيڪي تعاون ۽ صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. محمد اسحاق ڊار غيرملڪي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ تحفظ جي معاهدي تي جاري ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي معاهدي کي جلد کان جلد گڏيل مفاد جي بنياد تي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ تعليم، افرادي قوت جي چرپر، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، موسمياتي تبديلي، قونصلر معاملن ۽ عوامي رابطن جي فروغ کانسواءِ افغانستان ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۾ تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. علائقائي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندي نائب وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود هڪ پراڻو حل طلب تڪرار قرار ڏيندي ان جي منصفاڻي حل جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ڪئناڊا کي سنڌ طاس معاهدي جي بحالي جي حمايت جي پڻ اپيل ڪئي ۽ چيو ته عالمي قانون ۽ معاهدن جي پاسداري ضروري آهي. ان موقعي تي ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند چيو ته سندس هي دورو ان لحاظ کان خصوصي اهميت رکي ٿو ته اٽڪل 20 سالن کانپوءِ ڪنهن ڪينيڊين پرڏيهي وزير پاڪستان جو دورو ڪيو آهي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي 8 ڏهاڪا گذري چڪا آهن. هن چيو ته پاڪستان ڪئناڊا جي عالمي واپاري تنوع جي حڪمت عملي ۾ اهم مقام رکي ٿو جڏهن ته ڪئناڊا ۾ رهندڙ ٽي لک کان وڌيڪ پاڪستاني ڄاوا شهري ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهيا آهن. انيتا آنند وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته ڪئناڊا خطي ۾ وڌندڙ تڪرار، شهري ٺڪاڻن تي حملن ۽ سامونڊي سلامتي کي خطرن تي ڳڻتي رکي ٿو. هن سمورين ڌرين تي زور ڏنو ته صبر جو مظاهرو ڪن ۽ سفارتي ذريعن سان مسئلن جي حل کي ترجيح ڏين. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ايف آءِ پي اي کي جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪارن کي وڌيڪ اعتماد ۽ تحفظ حاصل ٿئي. زرعي تعاون جي حوالي سان هن ٻڌايو ته گذريل پوکيءَ سال دوران پاڪستان ڪئناڊا کان 4 لک 70 هزار ٽن کان وڌيڪ ڪينولا درآمد ڪيو. هن پاڪستاني عملدارن جا ٿورا ادا ڪيو ته انهن ڪينيڊين ڪينولا کي پاڪستاني منڊيءَ تائين پهچ ڏيڻ ۾ تعاون ڪيو جڏهن ته ڪئناڊا مستقبل ۾ پاڪستان کان چانور، ٽيڪسٽائيل ۽ راندين جو سامان درآمد وڌائڻ جو پڻ خواهشمند آهي. هن چيو ته ڪينيڊين ڪمپنيون پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ پڻ تعاون وڌائي رهيون آهن. هن جي سي ايم پاور ۽ ڪراچي اليڪٽرڪ جي حصيداري سان ڌاٻيجي ۾ 240 ميگاواٽ جي هائبرڊ ونڊ ۽ سولر منصوبي ۽ بيرڪ جي ريڪوڊڪ منصوبي ۾ سيڙپڪاري جو پڻ ذڪر ڪيو. انيتا آنند اعلان ڪيو ته ڪئناڊا سرحدي نظم ۽ ضبط، دهشتگردي جي خاتمي، مالي ڏوهن جي جاچ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تربيت جي لاءِ 22 لک ڪينيڊين ڊالر کان وڌيڪ فراهم ڪندو. اهي منصوبا انٽرپول، گڏي قومن جي منشيات ۽ ڏوهن جي خاتمي بابت آفيس (يو اين او ڊي سي) ۽ رائل ڪينيڊين مائونٽڊ پوليس جي تعاون سان مڪمل ڪيا ويندا. هن وڌيڪ اعلان ڪيو ته ڪئناڊا پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، ٻارڙين جي تعليم، توليدي صحت، خانداني منصوبابندي ۽ ٻوڏ کان بحالي جي منصوبن جي لاءِ 4 ڪروڙ 50 لک ڪينيڊين ڊالر جي نئين ترقياتي امداد فراهم ڪندو. اها امداد آغا خان فائونڊيشن ڪئناڊا، گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) ۽ گڏيل قومن جي پاپوليشن فنڊ (يو اين ايف پي اي) جي حصيداري سان خرچ ڪئي ويندي. ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير چيو ته اهي سمورا قدم ٻنهي ملڪن جي ان گڏيل عزم جي عڪاسي ڪن ٿا ته اهي ڊگهي مدي واري خوشحالي، استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيندا.











