اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ريلوي جي ترقياتي منصوبن کي اعليٰ معيار ۽ مقرر ڪيل وقت اندر مڪمل ڪرڻ ۽ ايم ايل ون جي روهڙي-ملتان سيڪشن جي اپ گريڊيشن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هڪ جديد ۽ ڪارآمد ريلوي نظام ملڪ جي معيشت، واپار ۽ علائقائي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم محمد …
وزيراعظم پاران ريلوي جي ترقياتي منصوبن کي اعليٰ معيار ۽ مقرر ڪيل وقت اندر مڪمل ڪرڻ ۽ اپ گريڊيشن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ريلوي جي ترقياتي منصوبن کي اعليٰ معيار ۽ مقرر ڪيل وقت اندر مڪمل ڪرڻ ۽ ايم ايل ون جي روهڙي-ملتان سيڪشن جي اپ گريڊيشن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هڪ جديد ۽ ڪارآمد ريلوي نظام ملڪ جي معيشت، واپار ۽ علائقائي رابطن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ريلوي ٽرانسفارميشن پلان تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس سومر ڏينهن منعقد ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي جي وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن جي وفاقي وزير احد خان چيما، ريلوي جي وفاقي وزير حنيف عباسي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام جي وفاقي وزير شزه فاطمه، وزيراعظم جي نجڪاري بابت صلاحڪار محمد علي، ناڻي ۽ ريلوي جي مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ريلوي مسافرن ۽ مال برداري لاءِ سڀ کان گهٽ خرچ ۽ چُرپُر جو ڪارآمد ذريعو آهي. هن چيو ته جديد ۽ موثر ريلوي نظام ملڪي معيشت، واپار ۽ علائقائي رابطن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته پاڪستان ريلوي جي بنيادي ڍانچي کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ سان پاڪستان کي علائقائي واپار ۽ لاجسٽڪس مرڪز طور اڀرڻ ۾ اهم ڪردار ٿيندو. وزيراعظم ريلوي جي ترقياتي منصوبن کي اعليٰ معيار ۽ مقرر وقت اندر مڪمل ڪرڻ ۽ مين ريلوي لائين ون جي روهڙي-ملتان سيڪشن جي اپ گريڊيشن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ايم ايل ون ۽ ايم ايل-ٿري اپ گريڊيشن، ٿر ڪول ريلوي ڪنيڪٽوٽي ۽ ٻين منصوبن يت اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ايم ايل-ون جي ڪراچي-روهڙي سيڪشن لاءِ تفصيلي انجنيئرنگ ڊيزائن مڪمل ڪئي وئي آهي، ايم ايل-ٿري روهڙي-نوڪنڊي جي اپ گريڊيشن پي ايس ڊي پي ۽ برج فنانسنگ تحت ڪئي ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٿرڪول ريل ڪنيڪٽوٽي منصوبي جو 112 ڪلوميٽر ڊگهو ريلوي ٽريڪ ٿرڪول کان ڇور ريلوي اسٽيشن تائين تي 60 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ اهو منصوبو ڊسمبر 2026ع تائين مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم جي هدايت تي ريلوي جي سڌارن جي لاءِ هڪ عالمي ڪنسلٽنٽ جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ريلوي جي ماتحت اسڪولن ۽ اسپتالن جون خدمتون آئوٽ سورس ٿي چُڪيُون آهن، جڏهن ته ڇهن وڏن ريلوي اسٽيشنن جي ڪمرشلائيزيشن تي ڪم شروع ڪيو پيو وڃي.











