نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند کي پرڏيهي معاملن واري وزارت پهچڻ تي ڀليڪار چئي

اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند جي اسلام آباد ۾ پرڏيهي معاملن واري وزارت پهچڻ تي ڀليڪار چئي. سومر ڏينهن پرڏيهي معاملن جي وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب، ٻئي اڳواڻ پاڪستان ۽ ڪينيڊا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سڀني رُخن کانسواءِ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪري …

اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند جي اسلام آباد ۾ پرڏيهي معاملن واري وزارت پهچڻ تي ڀليڪار چئي. سومر ڏينهن پرڏيهي معاملن جي وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب، ٻئي اڳواڻ پاڪستان ۽ ڪينيڊا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سڀني رُخن کانسواءِ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهن. پرڏيهي وزير انيتا آنند جو هي دورو وزارت سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان جو پهريون دورو آهي، جڏهن ته تقريبن ٻن ڏهاڪن کان پوءِ ڪنهن به ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير جو پاڪستان جو پهريون دورو پڻ آهي. اهو دورو پاڪستان-ڪينيڊا لاڳاپن ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو ۽ ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو ته ٻئي مُلڪ ٻطرفي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ عزم آهن.

مزید خبریں