عوامي ڀلائي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ پائيدار معاشي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ ترقياتي منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عوامي ڀلائي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ پائيدار معاشي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ ترقياتي منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن سومر ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم …

اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عوامي ڀلائي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ پائيدار معاشي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ ترقياتي منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن سومر ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، مُلاقات ۾ سڄي ملڪ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام سميت جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير وزيراعظم کي جاري ترقياتي منصوبن، انهن تي ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ مستقبل جي لائحه عمل کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته قومي اهميت جي سڀني ترقياتي منصوبن کي اعليٰ معيار سان مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته عوامي ڀلائي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ پائيدار معاشي ترقي لاءِ ترقياتي منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سڀئي لاڳاپيل وزارتون ۽ ادارا گڏيل تعاون ۽ موثر رابطي ذريعي منصوبن تي عملدرآمد جي رفتار وڌيڪ تيز ڪن ته جيئن انهن جا ثمر جلد کان جلد عوام تائين پهچي سگهن. اجلاس ۾ قومي ترقي جي مُختلف رُخن ۽ مستقبل جي ترقي هدفن تي پُڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.