وزيراعظم پاران اسپين کي فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد

اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسپين کي فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسپين جي قومي ٽيم سڄي ٽورنامينٽ ۾ غير معمولي مهارت، اتحاد، نظم ۽ ضبط ۽ بهترين ٽيم ورڪ جو مظاهرو ڪيو. سومر ڏينهن "ايڪس" تي پنهنجي پيغام ۾، وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آمريڪي عوام کي فيفا …

اسلام آباد- 20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسپين کي فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسپين جي قومي ٽيم سڄي ٽورنامينٽ ۾ غير معمولي مهارت، اتحاد، نظم ۽ ضبط ۽ بهترين ٽيم ورڪ جو مظاهرو ڪيو. سومر ڏينهن "ايڪس” تي پنهنجي پيغام ۾، وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آمريڪي عوام کي فيفا ورلڊ ڪپ جي ڪامياب انعقاد ۽ شاندار ميزباني تي مبارڪباد ڏئي ٿو. هن ميڪسيڪو ۽ ڪينيڊا جي حڪومتن ۽ عوام کي پُڻ فيفا ورلڊ ڪپ جي گڏيل ميزباني ۾ انهن جي مثالي ڀائيواري ۽ شاندار انتظامن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو فيفا جي صدر جياني انفانٽينو ۽ پوري فيفا ٽيم کي هن وڏي عالمي تقريب جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏئي ٿو، جنهن بنا ڪن هن شڪ جي فٽبال کي هڪ عالمي راند طور هڪ اعليٰ مقام عطا ڪيو آهي. هن چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر، فيفا ورلڊ ڪپ اسان کي ياد ڏياريو آهي ته راند هڪ عالمگير ٻولي آهي، جيڪا سرحدن کان مٿاهين ٿي انسانيت کي هڪٻئي سان ڳنڍي ٿي. هن دعا ڪئي ته دوستي، اتحاد ۽ گڏيل احترام جو اهو جذبو فيفا ورلڊ ڪپ جي آخري سيٽي وڄڻ کانپوءِ به دنيا جي رهنمائي ڪندو رهي.