اسلام آباد- 19 جولاءِ (اي پي پي) ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر سمر ڪيمپ 2026ع ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن سان خاص ويهڪ ڪئي، جنهن ۾ سڄي ملڪ جي 18 کان وڌيڪ شهرن جا نائين کان 12 ڪلاس جا 4 هزار کان وڌيڪ شاگرد شريڪ آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر خاص ويهڪ ۾ قومي سلامتي، دهشتگردي ۽ درپيش چئلينجز تي تفصيلي روشني وڌي. سمر ڪيمپ 2026ع ۾ شرڪت …
ڊي جي آءِ ايس پي آر جي سمر ڪيمپ 2026ع ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن سان خاص ويهڪ، قومي سلامتي، دهشتگردي ۽ درپيش چئلينجز تي روشني وڌي

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 جولاءِ (اي پي پي) ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر سمر ڪيمپ 2026ع ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن سان خاص ويهڪ ڪئي، جنهن ۾ سڄي ملڪ جي 18 کان وڌيڪ شهرن جا نائين کان 12 ڪلاس جا 4 هزار کان وڌيڪ شاگرد شريڪ آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر خاص ويهڪ ۾ قومي سلامتي، دهشتگردي ۽ درپيش چئلينجز تي تفصيلي روشني وڌي. سمر ڪيمپ 2026ع ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن جو چوڻ هو ته اسان کي پاڪستان کي درپيش اندروني ۽ پرڏيهي سيڪيورٽي چئلينجز بابت اثرائتي آگاهي حاصل ٿي. سندن چوڻ هو ته کين بلوچستان ۾ ڀارتي پراڪسي فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي دهشتگردي جي ناپاڪ ڪردار بابت به آگاهه ڪيو ويو. شاگردن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته موجوده دور ۾ غلط ڄاڻ ۽ پروپئگنڊا تيزي سان ڦهلجي رهي آهي جنهن بابت اگاهي ضروري آهي. سمر ڪيمپ ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن ان عزم جو اظهار ڪيو ته دهشتگردي خلاف سڄي قوم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. آءِ ايس پي آر طرفان سمر ڪيمپ جو بندوبست نوجوانن ۾ قومي شعور جي بيداري ۽ صلاحيتن کي نکارڻ لاءِ اهم اڳڀرائي آهي.










