اسلام آباد- 19 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان نيشنل پارٽي جي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ پارلياماني وفد سان گڏ ملاقات ڪئي، جنهن دوران بلوچستان کي درپيش چئلينجز ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ راڻا ثناءُ الله خان ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار طارق باجوه به موجود هئا. آچر ڏينهن نائب وزيراعظم آفيس مان جاري بيان مطابق محمد اسحاق ڊار …
نائب وزيراعظم سان نيشنل پارٽي جي صدر جي پارلياماني وفد سان گڏ ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان نيشنل پارٽي جي صدر ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ پارلياماني وفد سان گڏ ملاقات ڪئي، جنهن دوران بلوچستان کي درپيش چئلينجز ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ راڻا ثناءُ الله خان ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار طارق باجوه به موجود هئا. آچر ڏينهن نائب وزيراعظم آفيس مان جاري بيان مطابق محمد اسحاق ڊار ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته وفاقي حڪومت آئين جي دائري ۾ رهندي صوبي جي عوام کي درپيش چئلينجز حل ڪرڻ ۽ اقتصادي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ سندن جائز اُمنگن کي پورو ڪرڻ لاءِ پر عزم آهي. ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، محمد اسحاق ڊار جو ٿورو مڃيندي چيو ته نيشنل پارٽي صوبي جي عوام جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ سڀني سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته صوبي ۾ سرگرم شرپسندن کي بلوچستان جي عوام جي ڪا به حمايت حاصل ناهي ۽ نه ئي ان جو ڪو جواز آهي.










