نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان وينزويلا جي پرڏيهي لاڳاپن ۽ عالمي واپار واري نئين وزير فيلڪس پلاسينسيا جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد- 19 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان وينزويلا جي پرڏيهي لاڳاپن ۽ عالمي واپار واري نئين وزير فيلڪس پلاسينسيا ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ واپار، سيڙپڪاري، ڪاروبار، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي (آئي ٽي) ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن سميت وسيع شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي موقعن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آچر ڏينهن پرڏيهي …

اسلام آباد- 19 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان وينزويلا جي پرڏيهي لاڳاپن ۽ عالمي واپار واري نئين وزير فيلڪس پلاسينسيا ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ واپار، سيڙپڪاري، ڪاروبار، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي (آئي ٽي) ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن سميت وسيع شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي موقعن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آچر ڏينهن پرڏيهي معاملن واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم/پرڏيهي وزير فيلڪس پلاسينسيا کي نئين عهدي تي مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. هن وينزويلا ۾ تازي تباهي آڻيندڙ زلزلي جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي پاڪستان طرفان گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم هن ڏکئي وقت ۾ وينزويلا جي حڪومت ۽ عوام سان پاڪستان جي پُختي يڪجهتي کي ورجايو ۽ انهن جي همت ۽ جلد بحالي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. فيلڪس پلاسينسيا نائب وزيراعظم/پرڏيهي وزير جي يڪجهتي ۽ همدردي جي پيغام لاءِ ٿورا ادا ڪيا. هن قدرتي آفتن جي متاثرين لاءِ پاڪستان جي مدد ۽ انساني جذبي کي پُڻ ساراهيو ۽ ضرورت جي وقت ۾ گڏيل تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. جڏهن ته هن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ علائقائي صورتحال ۾ ڳالهين ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ جي لاءِ پاڪستان جي مثبت ڪردار جو اعتراف ڪيو ۽ امن ۽ سفارتڪاري لاءِ پاڪستان جي عزم جي واکاڻ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ وينزويلا جي وچ ۾ پُراڻن دوستاڻن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي گڏيل عزم کي ورجايو.

مزید خبریں