اسلام آباد- 19 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال سان چين جي مشهور ڪمپني هوا هوائي هيلٿ جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ملاقات ڪئي جنهن دوران هيپاٽائيٽس ڊيلٽا وائرس جي مريضن جي علاج لاءِ جاري اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ملاقات ۾ صحت وارو وفاقي سيڪريٽري اسلم غوري، سي اي او ڊريپ ڊاڪٽر عبيد ممتاز، مشهور هيماٽولاجسٽ پروفيسر ڊاڪٽر سعيد ايس حامد ۽ ڪلينڪيل ريسرچ …
قومي صحت واري وفاقي وزير سان چيني ڪمپني جي سي اي او جي ملاقات، هيپاٽائيٽس ڊيلٽا وائرس جي مريضن جي علاج ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال سان چين جي مشهور ڪمپني هوا هوائي هيلٿ جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ملاقات ڪئي جنهن دوران هيپاٽائيٽس ڊيلٽا وائرس جي مريضن جي علاج لاءِ جاري اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ملاقات ۾ صحت وارو وفاقي سيڪريٽري اسلم غوري، سي اي او ڊريپ ڊاڪٽر عبيد ممتاز، مشهور هيماٽولاجسٽ پروفيسر ڊاڪٽر سعيد ايس حامد ۽ ڪلينڪيل ريسرچ جو ماهر سيد منور علي به موجود هو. قومي صحت واري وزارت مان جاري پڌرائي مطابق ان موقعي تي هيپاٽائيٽس ڊيلٽا وائرس جي مريضن جي علاج لاءِ جاري اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. مصطفيٰ ڪمال چيو ته هيپاٽائيٽس ڊيلٽا وائرس جي علاج بابت بي ٽو بي معاهدي تي ڪاميابي سان صحيح ڪئي وئي آهي، معاهدو پاڪستان ۾ جديد ۽ مقامي سطح تي علاج جي دستيابي طرف اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ تاريخي تعاون هيپاٽائيٽس ڊيلٽا جي مريضن لاءِ جديد علاج جي فراهمي طرف اهم اڳڀرائي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 10 لک ماڻهو هيپاٽائيٽس ڊيلٽا سبب متاثر ٿي سگهن ٿا، ان قدم سان هيپاٽائيٽس ڊيلٽا جي مريضن کي جديد ۽ اثرائتي علاج تائين پهچ حاصل ۽ پاڪستان جي دواسازي جي شعبي ۾ سگهه ۽ عالمي تعاون کي به هٿي ملندي. هن چيو ته ڊريپ سمورن قانوني ۽ ريگيوليٽري تقاضائن کي ترجيحي بنياد تي يقيني بڻائي رهي آهي ته جيئن دوا جلد کان جلد پاڪستاني مريضن لاءِ دستياب ٿي سگهي. سندس چوڻ هو ته هيپاٽائيٽس ڊيلٽا وائرس دوا جي فيز 2 ڪلينيڪل اسٽڊي ۾ ان جي حفاظت ۽ اثرائيت جي هاڪاري نتيجا سامهون اچي چڪا آهن.











