ٻارن ۾ غذائيت ۽ صحت مند زندگي جي طرز کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت ۽ نيسلي پاڪستان وچ ۾ ٻن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون

اسلام آباد- 18 جولاءِ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت، نيسلي پاڪستان ۽ فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن (ايف ڊي اي) ۽ نيسلي پاڪستان ۽ ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اسپيشل ايجوڪيشن (ڊي جي ايس اي) وچ ۾ ٻارن ۾ غذائيت جي تعليم ۽ صحتمند زندگي جي طرز کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٻن مفاهمتي يادداشتن تي صحيح واري تقريب جي ميزباني ڪئي. وزارت مان جاري پڌرائي مطابق تقريب ۾ …

اسلام آباد- 18 جولاءِ (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت، نيسلي پاڪستان ۽ فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن (ايف ڊي اي) ۽ نيسلي پاڪستان ۽ ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف اسپيشل ايجوڪيشن (ڊي جي ايس اي) وچ ۾ ٻارن ۾ غذائيت جي تعليم ۽ صحتمند زندگي جي طرز کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٻن مفاهمتي يادداشتن تي صحيح واري تقريب جي ميزباني ڪئي. وزارت مان جاري پڌرائي مطابق تقريب ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت جي سيڪريٽري نديم محبوب، وزارت جي سينيئر عملدارن، ڪارپوريٽ معاملن ۽ پائيداري جي سربراهه شيخ وقار احمد، مئنيجر ڪارپوريٽ افيئرز زائره احمد ۽ نيسلي پاڪستان ٽيم جي ميمبرن شرڪت ڪئي. نيسلي جي صحتمند ٻار وارو قدم ان ڀائيواري کي غذائيت بابت آگاهي، صحت مند کاڌي، هائيڊريشن، جسماني سرگرمي جي ذميواراڻي انتظام کي هٿي ڏيندو. ايف ڊي اي سان سهڪار جو مقصد 300 استادن کي تربيت ڏيڻ ۽ وفاقي سرڪاري اسڪولن ۾ اٽڪل 10 هزار شاگردن کي فائدو پهچائڻ آهي. ڊي جي ايس اي سان ڀائيواري 200 فيڪلٽي ميمبرن، ٿراپسٽ ۽ پيشيوراڻن ماڻهن کي تربيت ڏيڻ آهي، جيڪي اٽڪل 2 هزار خصوصي ٻارن تائين پهچ حاصل ڪندا. جنهن ۾ سکڻ جي مواد جي ترقي ۽ مخصوص وسيلن جي ڪمرن جو قيام به شامل آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي سيڪريٽري نديم محبوب ان تعاون کي ساراهيو ۽ ٻارن جي صحت، ڀلائي ۽ سکڻ جي نتيجن کي بهتر بڻائڻ لاءِ پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ جي اهميت تي زور ڀريو.