اسلام آباد- 18 جولاءِ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس سڄي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪارروائين ۾ 53 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 28.988 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري عورت سميت 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اي اين ايف ترجمان طرفان جاري بيان مطابق ڪارروائين ۾ اسلام آباد ايئرپورٽ تي رياض ويندڙ مسافر جي بيگ مان هڪ ڪلوگرام زينيڪس گوريون هٿ …
اي اين ايف جون منشيات اسمگلنگ خلاف ڪارروائيون، 28.988 ڪلوگرام منشيات هٿ، عورت سمت 6 جوابدار گرفتار

مزید خبریں
اسلام آباد- 18 جولاءِ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس سڄي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪارروائين ۾ 53 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 28.988 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري عورت سميت 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اي اين ايف ترجمان طرفان جاري بيان مطابق ڪارروائين ۾ اسلام آباد ايئرپورٽ تي رياض ويندڙ مسافر جي بيگ مان هڪ ڪلوگرام زينيڪس گوريون هٿ ڪيون ويون. سيالڪوٽ ايئرپورٽ تي جده ويندڙ مسافر جي بيگ مان 940 ڪلوگرام آئيس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. لاهور ايئرپورٽ تان جده ويندڙ مرد ۽ عورت جي پيٽ مان 753 گرام وزني 125 هيروئن سان ڀريل ڪيپسول هٿ ڪيا ويا. اسلام آباد ايئر پورٽ جي ڪارگو شيڊ ۾ دبئي ويندڙ پارسل ۾ پيپر شيٽ جي جذب 995 گرام آئيس هٿ ڪئي وئي. اي اسٽيٽ ايوينيو روڊ ڪراچي ويجهو جوابدار کان 12 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. جي ٽي روڊ پشاور ويجهو جوابدار جي قبضي مان 1.2 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. سمي ڊسٽرڪٽ ڪيچ ويجهو 10 ڪلوگرام آئيس هٿ ڪئي وئي. رنگ روڊ پشاور ۾ واقع ڪوريئر آفيس ۾ 2 پرفيوم باڪس مان 1.2 ڪلو چرس، 900 گرام آفيم هٿ ڪئي وئي. ڪارروائين جو منشيات جي خاتمي واري ايڪٽ 1997ع تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.











