نيسلن منڊيلا جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

اسلام آباد- 18 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ گڏيل قومن جي انتظام هيٺ نيلسن منڊيلا جو عالمي ڏينهن ڇنڇر تي ملهايو ويو. عالمي ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ڏکڻ آفريقا جي اڳوڻي صدر ۽ نسلي امتياز جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪندڙ عظيم اڳواڻ نيلسن منڊيلا جي سالگرهه جي موقعي تي سندس خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي. واضح رهي ته نيلسن منڊيلا انساني حقن کي …

اسلام آباد- 18 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ گڏيل قومن جي انتظام هيٺ نيلسن منڊيلا جو عالمي ڏينهن ڇنڇر تي ملهايو ويو. عالمي ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ڏکڻ آفريقا جي اڳوڻي صدر ۽ نسلي امتياز جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪندڙ عظيم اڳواڻ نيلسن منڊيلا جي سالگرهه جي موقعي تي سندس خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي. واضح رهي ته نيلسن منڊيلا انساني حقن کي هٿي وٺرائڻ، امن جي قيام لاءِ سرگرم عالمي ڪارڪن ۽ آزاد ڏکڻ آفريقا جي پهرين جمهوري صدر جي حيثيت ۾ پنهنجي زندگي انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. نيلسن منڊيلا جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي دنيا جي ماڻهن کي معاشري ۾ هاڪاري تبديلي آڻڻ ۽ زمين کي محفوظ ۽ بهتر جڳهه بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جي ترغيب ڏني ويندي آهي. نيلسن منڊيلا جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد مختلف تقريبن ۾ سندس خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو.