پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جو تعين روزاني جي بنياد تي ٿيڻ سان شفافيت ايندي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 17 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي تعين جي نظام کي روزاني جي بنياد تي آڻڻ سان قيمتن ۾ ٿيندڙ لاهن چاڙهن جا اثر وقت سر عوام تائين منتقل ٿيندا، ان نظام سان شفافيت ۾ اضافو ٿيندو ۽ پرائسنگ فارمولا سڀني جي سامهون هوندو. جمعي ڏينهن هتي پيٽروليم واري وفاقي وزير علي …

اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي تعين جي نظام کي روزاني جي بنياد تي آڻڻ سان قيمتن ۾ ٿيندڙ لاهن چاڙهن جا اثر وقت سر عوام تائين منتقل ٿيندا، ان نظام سان شفافيت ۾ اضافو ٿيندو ۽ پرائسنگ فارمولا سڀني جي سامهون هوندو. جمعي ڏينهن هتي پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان گڏ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته هن وقت عالمي منڊيءَ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو تعلق عالمي ڇڪتاڻ سان آهي. اها ڳالهه سڀني تي واضح آهي ته پاڪستان عالمي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيو آهي. ان حوالي سان پاڪستان پاران کنيل قدمن کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو ويو آهي ۽ عالمي برادري پڻ انهن قدمن جي معترف آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته عالمي منڊيءَ ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو سڌوسنئون اثر پاڪستان تي به پوي ٿو ڇو ته پاڪستان پنهنجي ضرورتن جو وڏو حصو درآمدي تيل سان پورو ڪري ٿو. هن چيو ته جڏهن پوري دنيا ۾ ڇڪتاڻ عروج تي هئي ته تيل جي کوٽ پيدا ٿيڻ سان ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪن ۾ تيل حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊگهيون قطارون لڳل هيون، ان وقت وزيراعظم محمد شهباز شريف وقت سر اضافي ذخيرن جو انتظام ڪيو. سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات کان تيل جا ڪارگوز گهرايا ويا ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويو ته پاڪستان جي ڪنهن به شهر يا علائقي ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي کوٽ پيدا نه ٿئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ تيل جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ راشننگ جو نظام متعارف ڪرايو ويو جڏهن ته پاڪستان ۾ نه ته راشننگ جي ضرورت پيش آئي ۽ نه ئي هڪ ڏينهن جي به کوٽ ٿي. پيٽروليم ڊويزن پاران بريفنگ ۾ مسلسل آگاهه ڪيو ويندو رهيو ته ملڪ ۾ ڏيڍ کان ٻن مهينن جا پيٽروليم ذخيرا موجود آهن. هن چيو ته تيل معيشت جو ڦيٿو هلائڻ، اچ وڃ جي نظام ۽ ٻين شعبن جي لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو جنهن جي لاءِ وقت سر ۽ موثر قدم کنيا ويا. عطاءُ الله تارڙ چيو ته جڏهن عالمي سطح تي تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون هيون ته وفاقي حڪومت پنهنجي وسيلن سان ترقياتي بجيٽ ۾ گهٽتائي ڪري 129 ارب رپين جي سبسڊي فراهم ڪئي ته جيئن پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون نه وڌن. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ تيل جون قيمتون وڌيون جڏهن ته پاڪستان ۾ قيمتن ۾ اضافو نه ڪيو ويو ڇو ته حڪومت سبسڊي جي ذريعي ان اضافي جو مقابلو ڪيو. هن چيو ته اهو وزيراعظم محمد شهباز شريف جو فيصلو هو ته عوام تي بار منتقل نه ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي تعين جي حوالي سان مختلف سوال سامهون ايندا رهيا آهن، ان سلسلي ۾ پرائسنگ فارمولا سڀني جي سامهون شايع ڪيو ويندو جڏهن ته ان کي باضابطا طور تي آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) بطور ريگيوليٽر جاري ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪجهه وقتن تي اهو سوال ڪيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن اڄ قيمت ۾ گهٽتائي ٿي آهي ته ان جو فائدو فوري طور تي عوام کي ڇو منتقل نه ڪيو ويو، ان جو سبب اهو آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي تعين جي لاءِ هڪ هفتي جي سراسري قيمت کي نظر ۾ رکيو وڃي ٿو. جيڪڏهن قيمتن جو اعلان جمعي تي ڪيو وڃي ٿو ته ان جي لاءِ گذريل ڇهن ڏينهن جي قيمتن جي سراسري ڪڍي وڃي ٿي ۽ ستين ڏينهن يعني جمعي تي انهي سراسري جي موجب قيمتن ۾ ڦيرڦار عوام کي منتقل ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن پوري هفتي دوران قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان رهيو هجي ته ان جو مجموعي اثر عوام کي هڪ ڀيرو ئي منتقل ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته قيمتن ۾ مسلسل اضافو ٿئي ته ان جو اثر به انهي طريقيڪار تحت منتقل ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي تعين جي لاءِ اهو ئي طريقيڪار لاڳو آهي. هن چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي تعين جي طريقيڪار کي هفتيوار کان روزاني جي بنياد تي آڻڻ سان قيمتن ۾ ٿيندڙ لاهن چاڙهن کي انهي تناسب سان منتقل ڪري سگهبو. وفاقي وزير چيو ته تيل جون قيمتون جڏهن وڌن ٿيون ته ان جو اثر عوام تي پوي ٿو، حڪومت کي ان جو مڪمل احساس آهي. هن چيو ته حڪومت سبسڊي جي ذريعي گڊز ٽرانسپورٽ، پبلڪ ٽرانسپورٽ، زراعت جي شعبي ۽ موٽرسائيڪل استعمال ڪندڙ ماڻهن سميت انهن سمورن طبقن کي ريليف فراهم ڪيو جيڪي ان جا مستحق هئا. وفاقي وزير چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي روزاني جي بنياد تي تعين سان اهو فائدو ٿيندو ته قيمتن ۾ گهٽتائي جا ثمر فوري طور تي منتقل نه ٿيڻ جون جيڪي شڪايتون سامهون اينديون رهيون آهن، انهن جو ازالو ٿيندو. هن چيو ته روزاني جي بنياد تي قيمتن ۾ ٿيندڙ لاهن چاڙهن جا اثر انهي حساب سان منتقل ٿيندا، ان نظام سان شفافيت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ پرائسنگ فارمولا عوام جي سامهون هوندو. هن چيو ته اهو هڪ غلط تاثر آهي ته پيٽروليم ليوي ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو ويو آهي جڏهن ته جنگ کان اڳ لاڳو ليوي جي مقابلي ۾ موجوده ليوي گهٽ آهي. هن چيو ته ان کي گهٽ رکڻ جي لاءِ خصوصي قدم کنيا ويا ۽ غيرمعمولي ڪوششون ڪيون ويون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جو تعين روزاني جي بنياد تي ٿيندو ۽ پرائسنگ فارمولا سڀني جي سامهون آندو ويندو. هن چيو ته پاڪستان کي اليڪٽرڪ بائيڪس ۽ اليڪٽرڪ وهيڪلز طرف وڌڻو پوندو، اهو لازمي آهي، اڄ نه ته سڀاڻي اسان کي ان طرف وڃڻو پوندو. هن چيو ته درآمدي بل ۾ مسلسل اضافي ۽ قيمتن ۾ لاهن چاڙهن جو اثر عوام تي منتقل ڪرڻ کان بچڻ جو بهترين حل اهو ئي آهي ته ترتيبوار اليڪٽرڪ وهيڪلز ۽ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن جي استعمال کي فروغ ڏنو وڃي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته کيس اهو ڏسي خوشي ٿئي ٿي ته نوجوان شاگرد ۽ شاگردياڻيون اليڪٽرڪ بائيڪس جي ذريعي اسڪول ۽ ڪاليج وڃي رهيا آهن. هن چيو ته اليڪٽرڪ بائيڪس جي رجحان کي فروغ ڏيڻ پبلڪ سيڪٽر ۽ پرائيويٽ سيڪٽر ٻنهي جي ذميواري آهي. آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي منافعي جي حوالي سان اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هڪ تاثر ڏٺو وڃي ٿو ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين تمام گهڻو منافعو ڪمايو، جيڪو غلط آهي. آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي سخت نگراني ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته وزيراعظم وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ۽ ٻين ريگيوليٽر کي واضح هدايتون ڏنيون ته ڪنهن کي به اضافي منافعو ڪمائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي پر جن اضافي منافعو ڪمايو انهن کان رقم واپس وصول ڪئي وئي جيڪو ملڪي تاريخ ۾ هڪ غيرمعمولي قدم آهي. هن چيو ته ذخيره اندوزن جي خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي ٿي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي پيٽروليم مصنوعات يا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين بابت ڪو مسئلو درپيش هجي ته اهو سڌوسنئون اوگرا جي ويب سائيٽ يا اي ميل جي ذريعي شڪايت داخل ڪرائي سگهي ٿو. هن چيو ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي خلاف هن وقت جيتري سخت نگراني ۽ ريگيوليشن موجود آهي، اها اڳ ۾ ڪڏهن به نه هئي. هن چيو ته اوگرا هڪ آزاد ريگيوليٽر  آهي، هڪ ديانتدار ۽ باصلاحيت آفيسر کي بطور چيئرمين مقرر ڪرڻ کانپوءِ اداري ۾ آءِ ٽي بيسڊ نئون نظام متعارف ڪرايو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته اوگرا ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ڪري رهي آهي ته ڪير به اضافي منافعي خوري، ذخيره اندوزي يا مصنوعي طور تي قيمتن ۾ اضافو نه ڪري سگهي. هن چيو ته پورو نظام متحرڪ آهي ۽ ڪنهن به کي ذخيره اندوزي، مصنوعي طريقي سان قيمتون وڌائڻ يا ناجائز منافعو ڪمائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته ڪاروبار ڪرڻ ۽ منافعو ڪمائڻ هر ماڻهو جو حق آهي جڏهن ته بحران جي صورتحال مان فائدو کڻندي منافعي خوري يا ذخيره اندوزي ڪئي وئي ته سخت ايڪشن ورتو ويندو. وفاقي وزير چيو ته نظام ۾ شفافيت آڻڻ ۽ عوام کي عالمي سطح تي قيمتن ۾ ٿيندڙ لاهن چاڙهن کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جو تعين روزاني جي بنياد تي ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ان قدم سان اها شڪايت به ختم ٿي ويندي ته قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو فوري طور تي عوام کي منتقل ڇو نه ٿو ٿئي. ان سان قيمتن جي تعين جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري ۽ شفافيت ايندي. وفاقي وزير چيو ته دعا آهي ته اسان جي قيادت جون ڪوششون ڪامياب ٿين ۽ پاڪستان جون ثالثي جون ڪوششون ڪارائتيون ثابت ٿين ته جيئن جنگ جا شعلا سدائين جي لاءِ ٿڌا ٿين، معاملا حل طرف وڌن، تيل جي قيمتن ۾ استحڪام اچي ۽ قيمتن ۾ گهٽتائي ٿئي. هن چيو ته هر معاملي کي سياسي رنگ نه ڏيڻ گهرجي. ڪيترائي ماڻهو ان معاملي تي سياسي بيانيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جڏهن ته اقتصادي ماهر ۽ لاڳاپيل شعبن جا ماهر ان تي ضرور ڳالهه ڪن، ڪيترن ئي موقعن تي ان حوالي سان تعميري بحث ٿئي ٿو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح عوام کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪرڻ آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ان حوالي سان ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي ۽ سمورن وزيرن ۽ لاڳاپيل ڊويزنز کي مسلسل هدايتون ڏيندو رهي ٿو جڏهن ته هو ذاتي طور تي پڻ معاملن جي نگراني ڪري ٿو. هن چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ريليف برقرار رکڻ جي لاءِ ترقياتي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪئي وئي جڏهن ته ان کانسواءِ ڪفايت شعاري ۽ بچت جي قدمن جي ذريعي پڻ وسيلا حاصل ڪيا ويا. هن چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي روزاني جي تعين جي نظام سان وڌيڪ بهتري ايندي.






مزید خبریں