اسلام آباد- 17 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري جي ايس پي پلس اسيسمنٽ دوران اقليتي حقن جي حوالي سان پاڪستان کي نشانو بڻائڻ ۽ “سليڪٽو ليڪچرز” (مخصوص بيانيو) ڏيڻ تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ پارلياماني سيڪريٽري ملڪ ۾ مذهبي ڀائيچاري ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي اجاگر ڪندي چيو …
بئريسٽر دانيال چوڌري پاران جي ايس پي پلس اسيسمنٽ دوران اقليتي حقن جي حوالي سان پاڪستان کي نشانو بڻائڻ تي سخت ردعمل جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 17 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري جي ايس پي پلس اسيسمنٽ دوران اقليتي حقن جي حوالي سان پاڪستان کي نشانو بڻائڻ ۽ “سليڪٽو ليڪچرز” (مخصوص بيانيو) ڏيڻ تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ پارلياماني سيڪريٽري ملڪ ۾ مذهبي ڀائيچاري ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان جي جي ايس پي پلس اسيسمنٽ هڪ ڀيرو ٻيهر اقليتي حقن تي سليڪٽو ليڪچرز جو پليٽ فارم بڻجي چڪي آهي. اولهندي ملڪن سان ڀيٽ ڪندي دانيال چوڌري واضح انگ اکر پيش ڪيا ته 97 سيڪڙو مسلم آبادي واري پاڪستان ۾ 2189 گرجا گهر (هر 1206 عيسائين جي لاءِ 1 چرچ)، 732 مندر (هر 5660 هندوئن جي لاءِ 1 مندر) ۽ 58 گورڌوارا (هر 159 سکن جي لاءِ 1 گورڌوارو) موجود آهي. ان جي ابتڙ برطانيا ۾ هر 2249 مسلمانن جي لاءِ رڳو هڪ مسجد دستياب آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ رياست يا معاشري جي سطح تي مذهبي اقليتن سان ڪو امتيازي سلوڪ نه ٿو ڪيو وڃي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون اقليتن جي مذهبي ڏڻن کي ملهائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻي ٿي ۽ انهن جي مقدس عبادتگاهن جي حفاظت ۽ سارسنڀال کي يقيني بڻايو وڃي ٿو. اولهندي ملڪن ۾ مذهبي آزادين تي سوال اٿاريندي پارلياماني سيڪريٽري فرانس جو مثال ڏنو جتي 2004ع ۾ حجاب، 2011ع ۾ نقاب ۽ 2023ع ۾ اسڪولن ۾ عبايا پائڻ تي پابندي هنئي وئي. هن بيلجيئم، ڊينمارڪ، آسٽريا، سوئٽزرلينڊ ۽ نيدرلينڊ ۾ پڻ چهرو ڍڪڻ تي هنيل پابندين جو ذڪر ڪيو. دانيال چوڌري افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته انهن سمورين حقيقتن جي باوجود يورپي يونين مخصوص ايجنڊا تحت ڪم ڪندڙ اين جي اوز جي تيار ڪيل بيانيي کي ورجائيندي رهي ٿي جڏهن ته پاڪستان جي آئيني ضمانتن، قانوني سڌارن ۽ اقليتن جي تحفظ جي لاءِ جاري مسلسل ڪوششن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:44










