پاڪستان ۽ مصر جا لاڳاپا گڏيل قدرن، گڏيل احترام ۽ پراڻي دوستيءَ تي قائم آهن: واپار وارو وفاقي وزير

اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان مصر سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو، پاڪستان ۽ مصر جا لاڳاپا گڏيل قدرن، گڏيل احترام ۽ پُراڻي دوستيءَ تي قائم آهن، پاڪستان ۽ مصر کي روايتي واپار کان اڳتي وڌي اسٽريٽجڪ اقتصادي حصيداري قائم ڪرڻي پوندي. اهڙو اظهار وفاقي وزير ڄام ڪمال خان عرب جمهوريه مصر جي …

اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان مصر سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو، پاڪستان ۽ مصر جا لاڳاپا گڏيل قدرن، گڏيل احترام ۽ پُراڻي دوستيءَ تي قائم آهن، پاڪستان ۽ مصر کي روايتي واپار کان اڳتي وڌي اسٽريٽجڪ اقتصادي حصيداري قائم ڪرڻي پوندي. اهڙو اظهار وفاقي وزير ڄام ڪمال خان عرب جمهوريه مصر جي قومي ڏينهن جي حوالي سان رٿيل تقريب دوران ڪيو. وفاقي وزير تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. واپار واري وزارت مان جاري بيان موجب تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان مصر جي حڪومت ۽ عوام کي قومي ڏينهن تي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته پاڪستان مصر سان پنهنجن تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏئي ٿو. پاڪستان ۽ مصر جا لاڳاپا گڏيل قدرن، گڏيل احترام ۽ پُراڻي دوستي تي قائم آهن. واپار واري وزير چيو ته پاڪستان ۽ مصر کي روايتي واپار کان اڳتي وڌي اسٽريٽجڪ حصيداري قائم ڪرڻي پوندي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل سيڙپڪاري، پيداوار ۽ ٽيڪنالاجي تعاون کي هٿي ڏئي سگهن ٿا. پاڪستان ۽ مصر گڏيل ويليو چينز ذريعي روزگار، صنعتي سگهه ۽ روانگي واپار ۾ واڌ ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته مصر، آفريقي عرب ۽ بحريه روم جي مارڪيٽن لاءِ اهم پيداواري مرڪز آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا سان ڳنڍيل وڏي پيداواري ۽ سيڙپڪاري مارڪيٽ فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته مصري ڪمپنين کي پاڪستان جي توانائي، ريئل اسٽيٽ، مالياتي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ سٺو قدم آهي. ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستاني ڪمپنيون به مصر ۾ ڪاروباري ۽ سيڙپڪاريءَ جا نوان موقعا ڳولي رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان مصر کي خام مال، تيار شيون، صنعتي سامان ۽ وچوليون شيون فراهم ڪري سگهي ٿو. مصر توانائي، معدنيات، زرعي شيون، ڪيميڪلز، ڀاڻ ۽ طبي اوزارن جي شعبي ۾ اهم حصيدار بڻجي سگهي ٿو. هن چيو ته ٻه طرفي تعاون سان دنيا جي مختلف ملڪن ۽ علائقائي مارڪيٽن تائين رسائيءَ جا موقعا پيدا ٿيندا. وفاقي وزير چيو ته مصر طرفان پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ تعاون ساراهه جوڳو آهي. ڄام ڪمال خان چيو ته غزه لاءِ پاڪستاني انساني امداد جي رسد ۾ مصر جو تعاون ساراهه جوڳو آهي. پاڪستان مصر جي علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ تعميري ڪردار کي ساراهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ مصر جي دفاعي ۽ تربيتي تعاون ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي رهي آهي. فوڊ ايڪ پاڪستان 2026ع ۾ مصر جي مضبوط واپاري وفد جي شرڪت جا منتظر آهيون. ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان 7 کان 10 ڊسمبر تائين مصر ۾ رٿيل فوڊ آفريقه 2026ع ۾ شرڪت ڪندو. واپاري نمائشون ٻنهي ملڪن جي روانگي واپار ڪندڙن، خريدارن ۽ سيڙپڪارن کي ويجهو آڻينديون. وفاقي وزير چيو ته صدر عبدالفتاح السيسي طرفان پاڪستان جي دؤري جي دعوت قبول ڪرڻ خوشيءَ جي ڳالهه آهي. پاڪستان صدر عبدالفتاح السيسي جي پاڪستان جي دؤري جو منتظر آهي.