ملڪ ۾ سون جي في تولي اگهه ۾ 3600 رپين جي گهٽتائي

اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ 3600 رپين جي گهٽتائيءَ سان في تولو سون 4 لک 21836 رپيا ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب جمعي تي سون جي في تولي جي اگهه ۾ 3600 رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ في تولو سون 4 لک 21536 رپيا ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جو اگهه به 3086 …

اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ 3600 رپين جي گهٽتائيءَ سان في تولو سون 4 لک 21836 رپيا ٿي ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب جمعي تي سون جي في تولي جي اگهه ۾ 3600 رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ في تولو سون 4 لک 21536 رپيا ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جو اگهه به 3086 رپين جي گهٽتائيءَ کان پوءِ 364742 مان گهٽ ٿي 361656 رپيا ٿيا، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جو اگهه 334358 رپين مان گهٽ ٿي 331530 رپيا ٿي ويو. ال سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته في تولو چانديءَ جو اگهه 126 رپين جي گهٽتائيءَ کان 6029 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جو اگهه 108 رپين جي گهٽتائيءَ کان 5168 رپيا ٿي وئي.