اسلام آباد - 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾ فارماسيوٽيڪلز جي شعبي ۾ 44 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي 9 معاهدن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي نجي ڪمپنين جي وچ ۾ حصيداري سان پاڪستان ۾ فارماسيوٽيڪلز جي شعبن کي ترقي ملندي، چين پاڪستان جو سڀ کان اعتماد جوڳو ۽ آزمايل دوست ۽ ان جي معاشي …
وزيراعظم پاران پاڪستان ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾ فارماسيوٽيڪلز جي شعبي ۾ 44 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي 9 معاهدن جي آجيان
اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾ فارماسيوٽيڪلز جي شعبي ۾ 44 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي 9 معاهدن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي نجي ڪمپنين جي وچ ۾ حصيداري سان پاڪستان ۾ فارماسيوٽيڪلز جي شعبن کي ترقي ملندي، چين پاڪستان جو سڀ کان اعتماد جوڳو ۽ آزمايل دوست ۽ ان جي معاشي ترقي ۽ اسٽريٽجڪ ترقي دنيا جي لاءِ هڪ مثال آهي، چيني شهرين جي سلامتي جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي ويندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار جمعي ڏينهن هتي پاڪستان ۽ چين جي فارماسيوٽيڪلز ڪمپنين جي بزنس ٽو بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزير، خاص معاونين ۽ اعلى سرڪاري عملدارن کانسواءِ پاڪستان ۾ چين جو سفير ۽ ملڪي ۽ چيني فارماسيوٽيڪلز ڪمپنين جا نمائندا وڏي انگ ۾ موجود هئا. وزيراعظم ڪانفرنس جي انعقاد ۽ ان ۾ چيني ۽ پاڪستاني سيڙپڪارن جي شرڪت جي آجيان ڪندي چيو ته بنهي ملڪن جي فارماسيوٽيڪلز ڪمپنين جي وچ ۾ 44 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ ماليت جا 9 معاهدا ٿيا آهن. هن ان سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن جي بزنس ڪميونٽي کانسواءِ صحت واري وفاقي وزير، صنعت ۽ پيداوار واري خاص معاون، پاڪستان ۾ چين جي سفير ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي معاهدا عملي شڪل اختيار ڪندا. هن چين کي پاڪستان جو سڀ کان اعتماد جوڳو ۽ آزمايل دوست قرار ڏيندي چيو ته هر مشڪل گهڙيءَ ۾ چين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، چين سمورن عالمي فورمز تي پاڪستان جي حمايت ڪئي، سي پيڪ ون تحت 30 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري آئي. وزيراعظم چين جي اڻٿڪ حمايت تي چيني قيادت جا ٿورا ادا ڪندي چيو ته چيني صدر شي جن پنگ ويزنري ليڊر آهي جنهن چيني معاشري ۽ معيشت کي مڪمل طور تي بدلائي ڇڏيو آهي. هن چيني ترقي کي بي مثال قرار ڏيندي چيو ته چين نه رڳو معاشي پر اسٽريٽجڪ ترقي جي ميدان ۾ پڻ پنهنجو پاڻ کي مڃرايو اهي. وزيراعظم چيني عوام جي تعليم، ريسرچ ۽ ڊيولپمينٽ سميت هر شعبي ۾ بي مثال محنت ۽ ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته فارماسيوٽيڪلز جي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ اڄ وڏو موقعو آهي، ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪارن جي وچ ۾ مينوفيڪچرنگ، ويڪسين جي تياري ۽ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ جي شعبن ۾ حصيداري سان فارماسيوٽيڪلز جي سمورن شعبن ۾ ترقي ٿيندي. وزيراعظم خطي ۾ تازي بحران جو ذڪر ڪندي چيو ته ان بحران سڄي دنيا جي لاءِ وڏا مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن، پاڪستان آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ثالثي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن جي لاءِ چين سميت دوست ۽ ڀائر ملڪن ڀرپور تعاون ڪيو، صدر شي جن پنگ تمام گهڻي خلوص سان انهن ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ “اسلام آباد مفاهمتي يادداشت” ۾ پاڪستان ثالث آهي. هن فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته تاريخ ۾ سندس ڪردار ياد رکيو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪوششن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو جنهن عالمي اڳواڻن سان رابطا ڪيا. وزيراعظم چيو ته پاڪ چين دوستي هماليه کان اونچي، ماکيءَ کان مٺي ۽ فولاد کان وڌيڪ مضبوط آهي. وزيراعظم چين مان 300 وفدن جي فارماسيوٽيڪلز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ چيني شهرين جي سلامتي اسان جي لاءِ سڀ کان اهم آهي، ان سلسلي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ويندي، چيني شهري اسان جا مهمان آهن، انهن جي خوشي اسان جي خوشي آهي. صحت واري وفاقي وزير مصطفى ڪمال ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته بزنس ڪانفرنس جو انعقاد وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ويزن آهي، وزيراعظم جي رهنمائي سان فارماسيوٽيڪل صنعت کي عالمي سطح تي نمايان ڪرڻ جو منصوبو پيش ڪيو، وزيراعظم هڪ عملي شخصيت، ڪم ڪري ڏيکاريندڙ اڳواڻ جي طور تي سڃاتو وڃي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم جي رهنمائي ۽ قيادت جي ڪري اسان سڀ هڪ ٽيم جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيا آهيون. هن بي ٽو بي جي انعاد ۾ چين ۾ پاڪستان جي سفير جي اهم ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستاني سفير فارماسيوٽيڪل انڊسٽري جي مختلف شعبن تي ڌيان ڏيڻ بابت اسان جي رهنمائي ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جا امڪان موجود آهن. هن بزنس ڪانفرنس ۾ چيني ڪمپنين جي ڀرپور شرڪت جي آجيان ڪئي. چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان چين سيڙپڪاري ڪانفرنس ۾ شرڪت خوشي جوڳي اهي، وزيراعظم شهباز شريف بزنس ٽو بزنس تعاون جو ويزن پيش ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم بي ٽو بي ماڊل کي عملي تعاون جي لاءِ هڪ نئين راهه جي طور تي متعارف ڪرايو، وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني ڪاروباري ادارن تي خاص ڌيان ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ مختلف منصوبن تي تعميراتي ڪم جاري آهي جنهن سان 20 هزار کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ٿيڻ جي اميد آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف صحت ۽ بائيو ٽيڪنالاجي جي شعبن تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي، ان جا قدم پنهنجي عوام جي ڀلائي جي ان جي عزم جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. چيني سفير چيو ته پاڪستان ۾ صحت جي سهولتن جي طلب مسلسل وڌي رهي آهي، پاڪستان ۾ صحت جي شعبي ۾ ترقي جا وسيع امڪان موجود آهن، پاڪستان جي 29 دوائن جون مصنوعات اڳ ۾ ئي چيني منڊيءَ ۾ داخل ٿي چڪيون آهن، اسان ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ادارن جي وچ ۾ هڪ پُل جو ڪردار ادا ڪنداسين، ڪاروباري ادارن کي معياري خدمتون فراهم ڪنداسين. هن چيني ڪاروباري ادارن تي زور ڏنو ته اهي قانونن جي پاسداري ڪندي پنهنجون سرگرميون سرانجام ڏين. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري کي اجاگر ڪندي چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ چين پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. هن چين پاڪستان دوستي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار واري خاص معاون هارون اختر ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته خوش قسمتي سان پاڪستان کي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صورت ۾ قيادت ميسر آهي، عظيم قوم جي تقدير اهڙا اڳواڻ بدلائيندا آهن جيڪي مستقبل جي جوڙجڪ جو حوصلو رکندا آهن. هن چيو ته وزيراعظم عالمي سطح تي چٽاڀيٽي جي لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ جي ترغيب ڏني، ماضي جي طريقن تي هلندي پائيدار خوشحالي ممڪن نه آهي، وزيراعظم سدائين باور ڪرائيندو آهي ته اسان کي جدت کي اختيار ڪرڻو پوندو، صنعتي بنياد کي مضبوط بڻائڻ ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي. هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان مستقبل جي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پُرعزم آهي، وزيراعظم جي چين جي تازي دوري اقتصادي تعاون جي هڪ نئين باب جي شروعات ڪئي، وزيراعظم جي چين جي دوري سان سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ صنعتي تعاون جا نوان موقعا پيدا ٿيا. هارون اختر چيو ته پاڪستان چين جي تجربن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، چين جي غيرمعمولي ترقي ۽ تبديلي اسان جي عهد جي نمايان ترين ترقياتي داستانن مان هڪ آهي، وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول جوڙي رهيو آهي، قومي صنعتي پاليسي، قومي ٽيرف پاليسي جهڙن قدمن جي ذريعي صنعتي چٽاڀيٽي کي مضبوط بڻائي رهيا آهيون، سهولتن جي فراهمي، گهٽ ڏکيائين ۽ وڌيڪ چٽاڀيٽي اسان جو واضح مقصد آهي. ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۽ چين جي نجي شعبي جي وچ ۾ فارماسيوٽيڪل سان لاڳاپيل شعبن جي حوالي سان 44 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ ماليت جا 9 معاهدا ٿيا جن ۾ مقامي سطح تي ويڪسين جي تياري، بائيو ٽيڪنالاجي، دوائن جي تياري، ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا ۽ هيپاٽائيٽس کان بچاءُ بابت معاهدا شامل آهن. ان کانسواءِ حفاظتي ٽيڪن جي قومي پروگرامن جي حوالي سان تعاون جو معاهدو طئي ٿيو.












