اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پاور سيڪٽر ۾ مؤثر فيصله سازيءَ لاءِ قابل اعتماد ۽ مربوط ڊيٽا اڻٽر آهي، ڊيٽا گروننس ڪائونسل جديد، شفاف ۽ـ جوابده حڪمراني جي بنياد فراهم ڪرڻ کان علاوه پاور سيڪٽر ۾ ڊيٽا جي هڪجهڙي معيار ۽ مؤثر انتظام کي يقيني بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب اهڙو …
پاور سيڪٽر ۾ مؤثر فيصله سازيءَ لاءِ قابل اعتماد ۽ مربوط ڊيٽا اڻٽر آهي: سردار اويس احمد خان لغاري
اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پاور سيڪٽر ۾ مؤثر فيصله سازيءَ لاءِ قابل اعتماد ۽ مربوط ڊيٽا اڻٽر آهي، ڊيٽا گروننس ڪائونسل جديد، شفاف ۽ـ جوابده حڪمراني جي بنياد فراهم ڪرڻ کان علاوه پاور سيڪٽر ۾ ڊيٽا جي هڪجهڙي معيار ۽ مؤثر انتظام کي يقيني بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب اهڙو اظهار هن پبلڪ سيڪٽر جي پهرين ڊيٽا گورننس ڪائونسل جي اجلاس دوران ڪيو، جتي پاور سيڪٽر ۾ مؤثر، شفاف ۽ جديد ڊيٽا گورننس کي هٿي وٺرائڻ بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزير کي ڊيٽا گورننس ڪائونسل جي تجويز ڪيل اداره جاتي ڍانچي تي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي وزير ڪائونسل جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي مقرريءَ جو عمل جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڏيندي چيو آهي ته ڪائونسل کي مڪمل سگهه سان فعال بڻايو وڃي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ڊيٽا گورننس ڪائونسل جا اجلاس باقاعدي منعقد ڪيا وڃن ته جيئن مختلف معاملن تي اڳڀرائيءَ جو مسلسل جائزو وٺي سگهجي. هن ڪائونسل جي مؤثر ۽ وقت سر فيصلن لاءِ ايگزيڪيوٽو ورڪنگ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي، جيڪا ڪائونسل جي فيصلن تي عملدرآمد ۽ اڳڀرائيءَ جي نگراني ڪندي. اويس لغاري چيو ته ڊيٽا جو مؤثر استعمال بجلي جي شعبي ۾ بهتر ڪارڪردگي، وسيلن جي دانشمنداڻي استعمال ۽ مؤثر رٿابندي کي هٿي ڏيندي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت پاور سيڪٽر ۾ ڊجيٽل گورننس ۽ ڊيٽا تي ٻَڌل فيصلا سازي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي.












