اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ امن ۽ استحڪام جي ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا ۽ هر قسم جي تخريبڪاريءَ جي ڪاررواين خلاف جدوجهد جي حمايت جو اعلان ڪريون ٿا. اهڙو اظهار هن جمعي تي علماء ڪانفرنس جي مشاورتي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته …
پاڪستان ۾ هر قسم جي تخريبي ڪاررواين خلاف جدوجهد جي حمايت جو اعلان ڪريون ٿا: سردار محمد يوسف
اسلام آباد-17 جولاءِ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ امن ۽ استحڪام جي ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا ۽ هر قسم جي تخريبڪاريءَ جي ڪاررواين خلاف جدوجهد جي حمايت جو اعلان ڪريون ٿا. اهڙو اظهار هن جمعي تي علماء ڪانفرنس جي مشاورتي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته ان اجتماع جو مقصد شهيدن جي قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ آهي. قوم پاڪ فوج جي قربانين جي قرضي آهي. اسان پنهنجي شهيدن کي رت جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. عالم سڳورا تخريبي ڪاررواين خلاف قومي بيانيي کي هٿي ڏين. نوجوان نسل کي شدت پسند نظرين ۽ نفرت انگيز مواد کان محفوظ رکڻ لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جي ڪوششن سان ٽين عالمي جنگ رُڪي ۽ اها جنگ رُڪجڻ جو سبب اسان جي قومي قيادت جو ڪردار هو. هن چيو ته اسان جڏهن سُتل هوندا آهيون ته پاڪ فوج سرحدن تي پهرو ڏيندي رهي ٿي.












