راولپنڊي-17 جولاءِ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ضلعي بنون ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان لاڳاپو رکندڙ 24 خوارجين کي ماري ڇڏيو آهي. جمعي ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب ضلعي بنون ۾ پوليس ۽ گاڏين خلاف دهشتگرد ڪاررواين ۾ هاڻوڪي واڌ جي پس منظر جنهن ۾ هندستاني پراڪسي فتنه الخوارج قانون لاڳو …
سيڪيورٽي فورسز 24 ڪلاڪن ۾ بنون ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ 24 خوارجين کي ماري ڇڏيو: آءِ ايس پي آر
راولپنڊي-17 جولاءِ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ضلعي بنون ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان لاڳاپو رکندڙ 24 خوارجين کي ماري ڇڏيو آهي. جمعي ڏينهن آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب ضلعي بنون ۾ پوليس ۽ گاڏين خلاف دهشتگرد ڪاررواين ۾ هاڻوڪي واڌ جي پس منظر جنهن ۾ هندستاني پراڪسي فتنه الخوارج قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ معصوم شهرين کي نشانو بڻايو. سيڪيورٽي فورسز جي ان مڪروه حملن جي ذميدارن ۽ انهن جي حامين جي ڳولا لاءِ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي وسيع آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، جنهن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ بنون ضلعي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 24 خوارجين کي ماريو ويو. مارجي ويلن جي قبضي مان هٿيار، گولا بارود پڻ هٿ آيا، جيڪي دهشتگرديءَ جي ڪيترين ئي سرگرمين ۽ بي گناهن جي قتل ۾ ملوث رهيا. بيان ۾ چيو ويو ته علائقي ۾ ڪارروايون جاري رهنديون ۽ بزدلاڻين ڪاررواين جي ذميدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان عزم استحڪام ويزن تحت دهشتگردي جي خاتمي جي مهم پوري رفتار سان جاري رهندي.












