نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو چين جي شهر شنگھائي جو لاڀائتو دورو مڪمل

اسلام آباد - 17 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي شهر شنگھائي جو پنهنجو لاڀائتو دورو مڪمل ڪري ورتو، جنهن دوران پاڪستان ورلڊ آرٽيفيشل انٽيلي جنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (WAICO) جي هڪ باني مُلڪ جي حيثيت سان معاهدي تي صحيحُون ڪري باضابطه طور تي ورلڊ اي آءِ ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي ميمبرشپ حاصل ڪري ورتي. دوري دوران، نائب وزيراعظم ورلڊ اي آءِ ڪوآپريشن …

اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي شهر شنگھائي جو پنهنجو لاڀائتو دورو مڪمل ڪري ورتو، جنهن دوران پاڪستان ورلڊ آرٽيفيشل انٽيلي جنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (WAICO) جي هڪ باني مُلڪ جي حيثيت سان معاهدي تي صحيحُون ڪري باضابطه طور تي ورلڊ اي آءِ ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي ميمبرشپ حاصل ڪري ورتي. دوري دوران، نائب وزيراعظم ورلڊ اي آءِ ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي افتتاحي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي ۽ ان موقعي تي ڪيتريون ئي اهم ٻطرفي ملاقاتون ڪيون، جن ۾ چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ملاقات پُڻ شامل هُئي. شنگھائي کان روانگي جي موقعي تي شنگھائي ميونسپل گورنمينٽ جي پرڏيهي کاتي جي سينئر پارٽي ميمبر، سولين، ايئرپورٽ تي نائب وزيراعظم کي الوداع ڪيو. ان موقعي تي بيجنگ ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ۽ شنگھائي ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل جا عملدار پڻ موجود هئا. چين جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ نائب وزيراعظم اسلام آباد لاءِ روانو ٿي ويو.

مزید خبریں