شنگھائي- 17 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سميت 29 ملڪن ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (ڊبليو اي آءِ سي او) قائم ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيُون آهن. پرڏيهي خابرُو اداري شنہوا جو حوالو ڏيندي ٻُڌايو آهي ته ڊبليو اي آءِ سي او هڪ آزاد عالمي حڪومتي تنظيم هوندي، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر شنگھائي ۾ قائم ڪيو ويندو. معاهدي تي صحيحُون ڪندڙ 29 ملڪن ۾ پاڪستان، روس، قازقستان، لائوس …
پاڪستان سميت 29 ملڪن پاران ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (ڊبليو اي آءِ سي او) قائم ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون

مزید خبریں
شنگھائي- 17 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان سميت 29 ملڪن ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (ڊبليو اي آءِ سي او) قائم ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيُون آهن. پرڏيهي خابرُو اداري شنہوا جو حوالو ڏيندي ٻُڌايو آهي ته ڊبليو اي آءِ سي او هڪ آزاد عالمي حڪومتي تنظيم هوندي، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر شنگھائي ۾ قائم ڪيو ويندو. معاهدي تي صحيحُون ڪندڙ 29 ملڪن ۾ پاڪستان، روس، قازقستان، لائوس ۽ انڊونيشيا سميت ٻيا مُلڪ شامل آهن، جيڪي تنظيم جا باني ميمبر هوندا. پاڪستان پاران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار معاهدي تي صحيحُون ڪيُون. معاهدي موجب، تنظيم گڏيل قومن جي منشُور جي مقصدن، گڏيل مُشاورت، گڏيل تعاون ۽ گڏيل مفاد جي اصولن تحت ڪم ڪندي، ۽ انساني ڀلائي کي پنهنجي سرگرمين جو مرڪز بڻائيندي. تنظيم جو مقصد مصنوعي ذهانت (AI) جي ميدان ۾ عالمي تعاون ۽ عالمي گورننس کي فروغ ڏيڻ، ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته مصنوعي ذهانت محفوظ، منصفاڻي ۽ انسانيت لاءِ لاڀائتي هُجي، ته جيئن ان جي صحتمند ۽ منظم ترقي مان سڄي دنيا لاڀ حاصل ڪري سگهي.










