مولانا فضل الرحمان طرفان پاڪ فوج جي شهيدن بابت غير ذميداراڻو بيان مناسب ناهي: انجنيئر امير مقام

اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جو پاڪ فوج جي شهيدن بابت غير ذميداراڻو بيان مناسب ناهن، شهادت جي جذبي ۽ پاڪستان سان وفاداري ئي پاڪ فوج جي اصل طاقت آهي، پاڪ فوج صرف پگهار نه، وطن سان محبت ۽ قربانيءَ جي جذبي سان سرحدن جو دفاع ڪري ٿي، شهيدن ۽ غازين جي قربانين تي …

اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) ڪشمير معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان جو پاڪ فوج جي شهيدن بابت غير ذميداراڻو بيان مناسب ناهن، شهادت جي جذبي ۽ پاڪستان سان وفاداري ئي پاڪ فوج جي اصل طاقت آهي، پاڪ فوج صرف پگهار نه، وطن سان محبت ۽ قربانيءَ جي جذبي سان سرحدن جو دفاع ڪري ٿي، شهيدن ۽ غازين جي قربانين تي پوري قوم کي فخر آهي، ان جو قدر ڪرڻ هر پاڪستانيءَ جي ذميداري آهي. سهنسه مان مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيندڙن جي اعزاز ۾ رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جهڙي سينيئر اڳواڻ کي اهڙي ڳالهه کان پاسو ڪرڻ گهرجي. انجنيئر امير مقام چيو ته (ن) ليگ ۾ شامل ٿيندڙ اڳواڻن جي اعتماد تي پورو لهنداسين، چونڊن کان پوءِ به ڪارڪنن ۽ عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، نواز شريف ۽ شهباز شريف جي اڳواڻيءَ تي عوام جي اعتماد ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي. هن چيو ته ماضيءَ جي ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي ويزن جي بنياد تي ماڻهو (ن) ليگ ۾ شامل ٿي رهيا آهن، آزاد ڪشمير ۾ (ن) ليگ کي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت ملڻ جي اميد آهي، احتجاج هر شهريءَ جو حق آهي پر قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته حڪومت عوامي ايڪشن ڪميٽيءَ جي مطالبن تي ڳالهيون ۽ ڪميٽيءَ ذريعي اڳڀرائيءَ جي ڪوشش ڪئي، 12 پناهگير سيٽن جي معاملي تي آئيني دليل ڏيڻ بدران ڳالهين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان سان وفاداري جي حلف تي ڪو ٺاهه نٿو ٿي سگهي، موٽر وي ۽ ايڪسپريس وي منصوبو آزاد ڪشمير جي ترقيءَ ۾ سنگِ ميل ثابت ٿيندو. سهنسه سميت مختلف علائقن مان وڏين سياسي شخصيتن (ن) ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي. شموليتي تقريب ۾ مسلم ڪانفرنس، پي ٽي آءِ ۽ ٻين پارٽين سان تعلق رکندڙ اڳواڻن (ن) ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي. شامل ٿيندڙ اڳواڻن ميان نواز شريف ۽ انجنيئر امير مقام جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں