اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيمه ازبڪستان جي نائب وزيراعظم جمشيد خوجايف جي 20 کان 21 جولاءِ جي پاڪستان جي امڪاني دؤري جي تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ مختلف وزارتن وچ ۾ رابطا ڪاري ۽ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي ته جيئن ان اهم دؤري کي ڪامياب بڻائي سگهجي، جنهن سان پاڪستان …
وفاقي وزير احد چيمه جي صدارت هيٺ ازبڪ نائب وزيراعظم جي پاڪستان جي دؤري جي تيارين بابت جائزه اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيمه ازبڪستان جي نائب وزيراعظم جمشيد خوجايف جي 20 کان 21 جولاءِ جي پاڪستان جي امڪاني دؤري جي تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ مختلف وزارتن وچ ۾ رابطا ڪاري ۽ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي ته جيئن ان اهم دؤري کي ڪامياب بڻائي سگهجي، جنهن سان پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ ٻه طرفا اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيڻ جي اميد آهي. اقتصادي معاملن واري وزارت طرفان جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص صلاحڪار هارون اختر، پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ، واپار وارو سيڪريٽري جواد پال، ريلوي سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل نيشنل لاجسٽڪس ڪارپوريشن، مواصلات واري وزارت جي سينيئر عملدارن ۽ ٻين لاڳاپيل وزارتن جي نمائندن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن وفاقي وزير کي دؤري جي ايجنڊا ۽ ڄاڻايل سرگرمين بابت اڳڀرائيءَ تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ علائقائي رابطن کي هٿي وٺرائڻ ۽ سهولتڪاري کي خاص اهميت ڏني وئي. ريلوي واري سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل اين ايل سي ۽ مواصلات واري وزارت جي عملدارن پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ واپاري رستن جي سگهه ۽ اثرائيت وڌائڻ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون. روڊ ۽ ريل رابطن ۾ بهترين، ٽرانسپورٽ ڪوريڊورز جي ترقي ۽ لاجسٽڪس انفراسٽرڪچر کي مضبوط بنائڻ تي تفصيلي غور ڪيو ويو ته جيئن سامان جي تيز، گهٽ لاڳت ۽ مؤثر چُرپر کي ممڪن بڻائي سگهجي ۽ علائقائي واپار کي هٿي ملي. وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته دؤري دوران بزنس ٽو بزنس فورم جو بندوبست به ڪيو ويندو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي ناليواري نجي شعبي جا نمائندا شرڪت ڪندا. فورم ۾ ازبڪستان جي 100 کان وڌيڪ ڪمپنين جي شرڪت جو امڪان آهي، جيڪي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري، واپار ۽ گڏيل منصوبن جي موقعن ۾ وڌندڙ دلچسپيءَ جي عڪاسي ڪن ٿا. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته زراعت، دواسازي، صنعت، ٽرانسپورٽ، لاجسٽڪس ۽ ٻيا ترجيحي شعبا سيڙپڪاري ۽ واپاري ڳالهين جو مرڪز هوندا، جڏهن ته ٻئي حڪومتون پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپس کي هٿي ڏيڻ ۽ اقتصادي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ پُرعزم آهن. تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته هي دؤرو ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ ڀائيواريءَ ۾ هڪ اهم سنگِ ميل ثابت ٿيندو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته دؤري دوران 5 ساله واپاري ۽ اقتصادي سهڪار جي روڊ ميپ تي صحيحون ڪيون وينديون جيڪي ايندڙ سالن ۾ ٻه طرفي واپار، سيڙپڪاري، علائقائي رابطن ۽ اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ جامع فريم ورڪ فراهم ڪنديون. اجلاس کي وڌيڪ ٻُڌايو ويو ته ڪيترين ئي مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي اتفاق راءِ ٿي چڪو آهي، جنهن تي دؤري دوران صحيح جو امڪان آهي. وفاقي وزير زور ڀريو ته هي دؤرو پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ اقتصادي ناتن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ، علائقائي رابطن کي مضبوط بنائڻ، سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وسيع واپاري امڪانن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جو هڪ قيمتي موقعو آهي.











