نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي پرڏيهي وزير جي دعوت تي 16 کان 17 جولاءِ تائين وفد سان گڏ شنگهائي جو دورو ڪندو

اسلام آباد - 15 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عوامي جمهوريه چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي جي دعوت تي 16 کان 17 جولاءِ تائين وفد سان گڏ شنگهائي (چين) جو دورو ڪندو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم 16 جولاءِ تي عالمي مصنوعات ذهانت تعاون تنظيم قائم ڪرڻ جي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو ۽ پاڪستان پاران باني ميمبر …

اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عوامي جمهوريه چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي جي دعوت تي 16 کان 17 جولاءِ تائين وفد سان گڏ شنگهائي (چين) جو دورو ڪندو. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم 16 جولاءِ تي عالمي مصنوعات ذهانت تعاون تنظيم قائم ڪرڻ جي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو ۽ پاڪستان پاران باني ميمبر جي حيثيت سان معاهدي تي صحيحون ڪندو. هو 17 جولاءِ تي عالمي مصنوعي ذهانت ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب ۽ عالمي مصنوعي ذهانت جي عالمي حڪمراني بابت اعلى سطحي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس جي موقعي تي نائب وزيراعظم چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي سان ٻطرفي ملاقات ڪندو جڏهن ته ٻين هم منصبن سان پڻ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ ملاقاتون ڪندو. پنهنجي مختلف مصروفيتن دوران نائب وزيراعظم مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ عالمي تعاون جي فروغ جي حوالي سان پاڪستان جو موقف پيش ڪندو جنهن ۾ خاص طور تي گلوبل سائوٿ جي ترجيحن ۽ ترقياتي ضرورتن تي زور ڏنو ويندو. هو مصنوعي ذهانت جي عالمي فرق کي گهٽ ڪرڻ مصنوعي ذهانت جي ٽيڪنالاجيز تائين مصنفاڻي پهچ کي فروغ ڏيڻ، صلاحيت ۾ اضافي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندو ته مصنوعي ذهانت جا فائدا پائيدار ترقي ۽ سڀني جي لاءِ گڏيل خوشحالي جي فروغ ۾ موثر ڪردار ادا ڪن.

مزید خبریں