اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير بئريسٽر محمد رضا حيات هراج، مولانا فضل الرحمان جي بيان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سلامتي جي ادارن تي بنا جواز تنقيد ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جوڳي ناهي، پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي تي ڪو سمجهوتو نه ٿيندو. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ جي …
سلامتي جي ادارن تي بنا جواز تنقيد ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جوڳي ناهي: دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير بئريسٽر محمد رضا حيات هراج، مولانا فضل الرحمان جي بيان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سلامتي جي ادارن تي بنا جواز تنقيد ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جوڳي ناهي، پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي تي ڪو سمجهوتو نه ٿيندو. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ جي علائقائي سرحدن جي تحفظ ۽ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جون قربانيون لازوال آهن، فوج جي قربانين کي سياست جي وَر نه چاڙهڻ گهرجي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي بيان کان تڪليف ٿي، مولانا فضل الرحمان شهيدن جي بيحرمتي ڪئي، هڪ مذهبي اڳواڻ کان غير ذميداراڻي بيان جي اميد نه هئي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان شهيدن جي رت جي بيحرمتي ڪئي، هڪ عالمِ دين کي اهڙي ڳالهه ٻولهه زيب نٿي ڏئي، سندس بيان سان شهيدن جا والدين ۽ عوام بيچينيءَ جو شڪار آهي، سندس بيان را ۽ موساد جي ايجنڊا کي هٿي ڏني، مولانا فضل الرحمان دشمن جي انتشار ڦهلائڻ جي ايجنڊا کي اڳتي وڌايو. وفاقي وزير چيو ته هي وقت قوم کي متحد ڪرڻ ۽ پاڪستاني فوج سان گڏ بيهڻ جو آهي، سلامتي جي ادارن تي بنا جواز تنقيد ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جوڳي ناهي، پاڪستاني قوم شهيدن ۽ سندن وارثن جي قرضي آهي، شهيد اسان جا سِر جا تاج ۽ اسان جو فخر آهن. هن چيو ته عزت، غيرت ۽ جرئت ۾ پاڪستاني قوم جو ڪو ثاني ناهي، پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتيءَ تي ڪو سمجهوتو نه ٿيندو، محبِ وطن پاڪستاني فوج سان گڏ آهن. وفاقي وزير چيو ته انهن قومن کان حالتون پُڇو جن جي فوج انهن جي سرحدن جو تحفظ نٿيون ڪري سگهن. هن چيو ته حق جي ويڙهه ۾ ڪاميابي تي دنيا پاڪ فوج جي صلاحيتن جو اعتراف ڪيو، پاڪستاني فوج جي قربانين عيوض اڄ اسان جون سرحدون محفوظ آهن.










