حڪومت ميڊيا ورڪرز جي تحفظ، مين اسٽريم ميڊيا جي استحڪام، ايڊورٽائزمينٽ پاليسي ۾ شفافيت جي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 15 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته حڪومت ميڊيا ورڪرز جي تحفظ، مين اسٽريم ميڊيا جي استحڪام، ايڊورٽائزمينٽ پاليسي ۾ شفافيت جي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، سرڪاري اشتهارن کي ميڊيا ملازمن جي ڀلائي سان ڳنڍيو پيو وڃي، ڊيجيٽل ميڊيا کي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي قيمت تي فروغ نه ٿو ڏئي سگهجي، ايڊورٽائيزمينٽ پاليسي 2024ع …

اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته حڪومت ميڊيا ورڪرز جي تحفظ، مين اسٽريم ميڊيا جي استحڪام، ايڊورٽائزمينٽ پاليسي ۾ شفافيت جي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، سرڪاري اشتهارن کي ميڊيا ملازمن جي ڀلائي سان ڳنڍيو پيو وڃي، ڊيجيٽل ميڊيا کي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي قيمت تي فروغ نه ٿو ڏئي سگهجي، ايڊورٽائيزمينٽ پاليسي 2024ع تحت ويوز، امپريشنز ۽ ڊيجيٽل ڪارڪردگي جي ٻين انگن اکرن جي آزاد ٿرڊ پارٽي جي ذريعي تصديق جو نظام متعارف ڪرايو ويو آهي جڏهن ته اي بي سي ۽ پريس رجسٽرار آفيس کي ضم ڪري جديد ادارو قائم ڪرڻ تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا کي وڌيڪ مدد گهربل آهي جڏهن ته ڊيجيٽل ميڊيا وڏي حد تائين پاڻڀرو شعبو آهي، پي ٽي وي پهريون ڀيرو مالي طور تي مستحڪم ٿي آهي، پي ٽي وي اسپورٽس هن وقت پاڪستان ۾ فيفا ورلڊ ڪپ نشر ڪندڙ واحد چينل آهي. اربع ڏينهن پارليامينٽ لاجز ۾ سينيٽر سرمد علي جي صدارت ۾ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا جي حوالي سان 2021ع جي پاليسي ۾ توثيقي قدم شامل نه هئا، ان پاليسي ۾ 2022ع ۾ پڻ ترميم ٿي. اسان 2024ع ۾ ايڊورٽائيزمينٽ پاليسي کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي سوشل ميڊيا جي لاءِ واضح گائيڊ لائينز ۽ طريقيڪار جوڙيو جن کي پنجاب حڪومت پڻ اختيار ڪيو. هن چيو ته حڪومت اشتهارن ۾ سڀ کان وڏو حصو اليڪٽرانڪ ميڊيا جي لاءِ مختص آهي ان کانپوءِ پرنٽ ميڊيا ۽ پوءِ ڊيجيٽل ميڊيا جو نمبر اچي ٿو. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کي مالي مدد جي وڌيڪ ضرورت آهي جڏهن ته ڊيجيٽل ميڊيا ملڪ ۾ وڏي حد تائين پاڻڀرو فورم آهي ان لاءِ ان جي لاءِ گهٽ رقم رکي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته 2024ع جي پاليسي شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ جوڙي وئي آهي. ان پاليسي ۾ گوگل ايناليٽڪس، ويب ٽريفڪ جا انگ اکر، سرونگ رپورٽس ۽ آزاد ٿرڊ پارٽي تصديقي نظام شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن ويوز ۽ ڊيجيٽل ڪارڪردگي بابت ٻين انگن اکرن جي تصديق ڪري سگهجي. هن چيو ته ان کان اڳ ٻين حڪومتن وٽ سوشل ميڊيا تي ويوز، امپريشنز ۽ ٻين ڊيجيٽل پيمانن جي تصديق جي لاءِ ڪو موثر نظام موجود نه هو. هن چيو ته اهو ممڪن نه آهي ته جنهن پليٽ فارم کي اشتهار ڏنو پيو وڃي اهو ئي پنهنجي ويز ۽ امپريشنز جي تصديق به ڪري، انهي لاءِ 2024ع جي پاليسي ۾ ٿرڊ پارٽي ويريفڪيشن جو نظام متعارف ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته ويوز، امپريشنز ۽ ٻين ڊيجيٽل انگن اکرن جي تصديق لاڳاپيل پليٽ فارم بدران هڪ آزاد ٿرڊ پارٽي ادارو ڪندو ته جيئن شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته 2024ع جي سوشل ميڊيا پاليسي جيئن جو تيئن پنجاب ۾ لاڳو ڪئي وئي آهي. هن چيو ته يوٽيوب، ميٽا (فيس بڪ، انسٽاگرام) ۽ ٽڪ ٽاڪ سميت مختلف ڊيجيٽل پليٽ فارمز تي حڪومتي اشتهارن جي لاءِ تمام گهٽ خرچ ڪيو وڃي ٿو. ڊيجيٽل ميڊيا کي مالي معاونت جي ضرورت نه آهي، ان لاءِ ان کي رڳو ضرورت موجب اشتهار ڏنا وڃن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو اهم قومي يا عالمي ايونٽ هجي ته ان جي تشهير جي لاءِ ڊيجيٽل مهم هلائي وڃي ٿي. مثال جي طور تي تازي عورتن بابت او آءِ سي ڪانفرنس  جي موقعي تي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڊيجيٽل مهم هلائي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا کي وڌيڪ مدد گهربل آهي جڏهن ته ڊيجيٽل ميڊيا وڏي حد تائين پاڻڀرو شعبو آهي. حڪومت جي سڀ کان وڏي ترجيح ميڊيا ملازمن جي ڀلائي آهي ته جيئن اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو ڊائون سائيزنگ جو شڪار نه ٿين ۽ انهن کي ڪنهن به قسم جي مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي. هن چيو ته حڪومت ميديا ورڪرز جي تحفظ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي جڏهن ته ملازمن جي سهولت لاءِ صحت ڪارڊ سميت ٻيا قدم پڻ کنيا ويا آهن. هن ان حوالي سان وڌيڪ تجويزون ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد ۾ ڪنهن به ميڊيا اداري مان ملازم فارغ ڪيو وڃي ٿو ته اهو ان کي پنهنجي ذميواري سمجهن ٿا. هن چيو ته صحافي منهنجي ذميواري آهن ۽ جيستائين ممڪن ٿيندو انهن کي سهارو ڏيڻ ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندس. هن چيو ته سنو نيوز سميت ڪجهه ميڊيا ادارن ۾ ملازمن جي برطرفين جا معاملا پڻ سامهون آيا، سنو نيوز پاران ملازمن کي فارغ ڪرڻ جي معاملن تي حڪومت انهن جا اشتهار روڪي ڇڏيا هئا. هن چيو ته حڪومتي اشتهارن جو مقصد ميڊيا ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ملازمن جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ آهي نه ڪي ان جي ذريعي ملازمن کي برطرف ڪيو وڃي. هن چيو ته ان معاملي کانپوءِ سنو نيوز جي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ٽيم رابطو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ملازمن جون رهتون ۽ ٻيون بقايائون ادا ڪيون ويون جڏهن ته ڪيترن ئي ملازمن کي ٻيهر بحال پڻ ڪيو. هن چيو ته اهڙي طرح آج ٽي وي جي رهتن جي معاملي تي پڻ لاڳاپيل ماڻهن سان رابطو رهيو، سنو ٽي وي کانپوءِ اهو اهم معاملو هو جنهن کي حل ڪيو ويو ۽ رهتن جي ادائيگي يقيني بڻائي وئي. هن چيو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي) سان اهو طريقيڪار طئي ڪيو ويو آهي ته حڪومت پاران جڏهن به رهتن جي ادائيگي ڪئي ويندي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته اها رقم ميڊيا ادارن جي ملازمن جي رهتن ۽ پگهارن جي ادائيگي تي خرچ ٿيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي ڀلائي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان جيڪڏهن ڪنهن ٽي وي چينل جو رپورٽر يا ڪو ملازم نوڪري دوران لاڏاڻو ڪري وڃي ته اڪثر ان جا گهرڀاتي مشڪلاتن جو شڪار ٿي وڃن ٿا. هن تجويز ڏني ته اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران سمورن ٽي وي چينلز جي لاءِ واضح هدايتون جاري ڪيون وڃن ته ملازمت دوران ڪنهن ملازم جي لاڏاڻي جي صورت ۾ ان جي گهرڀاتين جي لاءِ هڪ مناسب مالي پئڪيج مقرر ڪيو وڃي. هن چيو ته جيڪي رپورٽرز يا ميڊيا ورڪرز سرديءَ، گرمي، اُس ۽ برسات ۾ فيلڊ ۾ ڪم ڪن ٿا، خبرون فراهم ڪن ٿا ۽ جن جي محنت سان ميڊيا ادارن جي ريٽنگ ۽ ساک ۾ اضافو ٿئي ٿو، انهن جي لاڏاڻي کانپوءِ انهن جي خاندانن کي بي سهارا نه ٿو ڇڏي سگهجي. هن چيو ته ميڊيا ملازمن جي گهرڀاتين جي تحفظ جي لاءِ هڪ موثر نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي. هن اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ڪردار ۽ اهميت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته جيتوڻيڪ ڊيجيٽل ميڊيا جي مقبوليت ۽ پهچ ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ان پاران حڪومتي اشتهار وڌائڻ جي لاءِ دٻاءُ پڻ موجود آهي تنهن هوندي به اها حقيقت آهي ته سوشل ميڊيا اڄ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ پليٽ فارم بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته 12 سالن جي ٻارن کان وٺي 70 سالن تائين جا ماڻهو سوشل ميڊيا جو استعمال ڪري رهيا آهن ۽ ان جي پهچ تمام وسيع آهي. جڏهن ته سوشل ميڊيا کي بنيادي مواد فراهم ڪندڙ ذريعا اڄ به ٽيليويزن ۽ اخبارون آهن. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن اڳ ۾ ئي تيزي سان ترقي ڪندڙ ڊيجيٽل ميڊيا کي وڌيڪ سرڪاري مدد ڏني ويندي ته ان جو اثر اليڪٽرانڪ اينڊ پرنٽ ميڊيا تي پوندو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پرنٽ ميڊيا جي اهميت پنهنجي جڳهه برقرار آهي ۽ اخبارن ملڪ ۾ صحافتي قدرن جي فروغ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي. اخبارون اڄ به معلومات جو معتبر ۽ ذميوار ذريعو آهن. هن چيو ته آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) ۽ ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين اي) سان تازين ملاقاتن ۾ خاطري ڪرائي وئي آهي ته حڪومت پرنٽ ميڊيا کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن چيو ته اخبارن وٽ باقاعده ايڊيٽوريل بورڊ، پيشيواراڻو نظام، ضابطه اخلاق ۽ ذميوار اداراتي ڍانچو موجود آهي جيڪو انهن کي ٻين پليٽ فارمز کان مٿانهون بڻائي ٿو. هن چيو ته 2024ع جي ايڊورٽائيزمينٽ پاليسي تحت حڪومت جي ڪوشش آهي ته موجوده اخبارن جي ڊيجيٽل پليٽ فارمز کي به اهميت ڏني وڃي. هن چيو ته عالمي سطح تي ٿيندڙ تازين سرويز مان به ظاهر ٿئي ٿو ته پرنٽ ميڊيا پنهنجي ڊيجيٽل شڪل سان گڏ موثر انداز ۾ موجود آهي جڏهن ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ شايع ٿيندڙ اخبارن جي سرڪيوليشن ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي. وفاقي وزير چيو ته ملڪ جي وڏين اخبارن ۽ صحافتي ادارن صحافت جي فروغ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته اشتهارن جي ورڇ جو شفاف نظام ٺاهيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان سمورا معاملا واضح طريقيڪار تحت سرانجام ڏنا پيا وڃن. هن چيو ته ڊيجيٽل معاونت ۾ سڀ کان پهريون حق اخبارن جو هجڻ گهرجي. هن چيو ته ايڊورٽائيزمينٽ پاليسي 2024ع تحت حڪومت اخبارن جي ڊيجيٽل پليٽ فارمز جي شموليت کي وڌيڪ سگهه ڏيندي. هن چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا کي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي قيمت تي پروموٽ نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته غلط معلومات ۽ جعلي خبرن جي تدارڪ جي لاءِ معتبر مين اسٽريم ميڊيا اڄ به لازمي آهي. وفاقي وزير ڪميٽي کي ٻڌايو ته اخبارن جي ملازمن جي لاءِ امپلي مينٽيشن ٽربيونل (آءِ ٽي اين اي) جي چيئرمين جي مقرري بابت سمورا معاملا حل ڪيا ويا آهن، شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل چونڊ عمل جي تڪميل کانپوءِ جلد ئي ان جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. هن ميڊيا ملازمن جي رجسٽريشن کي ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن (اي او بي آءِ) ۽ صوبائي سوشل سيڪيورٽي ادارن سان ملازمي قرار ڏيڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ملازمن جي لاءِ لائيف انشورنس جي تجويز هڪ هفتي جي اندر تيار ڪئي ويندي جنهن ۾ وفاقي حڪومت انشورنس پريميم ۾ پنهنجو حصو وجهندي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل نيشنل پريس ٽرسٽ (اين پي ٽي) جي ڪردار ۽ طريقيڪار جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وفاقي وزير اطلاعات واري وفاقي وزارت جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته نيشنل پريس ٽرسٽ جي اثاثن، مالي معاملن ۽ آڊٽ رپورٽس جا مڪمل تفصيل حاصل ڪيا وڃن جڏهن ته ميڊيا ورڪرز جي ڀلائي جي لاءِ ٽرسٽ جي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي قانوني امڪانن جو پڻ جائزو ورتو وڃي. اجلاس ۾ علائقائي اخبارن خاص طور تي بلوچستان ۽ ٻين صوبن مان شايع ٿيندڙ علائقائي اخبارن جي حوالي سان معاملو پڻ غور هيٺ آيو جنهن تي اطلاعات واري وفاقي وزير پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) کي هدايت ڪئي ته اصل علائقائي اخبارن جي نشاندهي جي لاءِ پي آ ڊي جي ذيلي ڪميٽي جوڙي وڃي ۽ انهن جي سرڪيوليشن بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وفاقي وزير ڪميٽي کي ٻڌايو ته حڪومت آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشنز (اي بي سي) کي پريس رجسٽرار آفيس سان ضم ڪري هڪ جديد ادارو قائم ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي. هن چيو ته اي بي سي جي نظام کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ، شفافيت ۾ اضافي ۽ موجوده ميڊيا ضرورتن موجب بڻائڻ جي لاءِ هڪ مخصوص ڪميٽي جي ذريعي سڌارن جو عمل اڳ ۾ ئي شروع ڪيو ويو آهي. ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سرمد علي چيو ته پرنٽ ميڊيا جي اهميت کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، اخبارن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن ميڊيا لسٽ ۾ بهتري آڻڻ جو پڻ مطالبو ڪيو. ڪميٽي تازو ئي ريليز ٿيندڙ فلم “بلهي” جي سينسر سرٽيفڪيشن جي معاملي تي پڻ غور ڪيو. سينيٽر پرويز رشيد چيو ته تشدد ۽ ڏوهن جي عڪاسي ڪندڙ فلم کي عظيم صوفي بزرگ بلهي شاهه جي نالي سان ريليز نه ٿيڻ گهرجي ها. هن مطالبو ڪيو ته ان ڳالهه جو تعين ڪيو وڃي ته فلم جي ان عنوان جي منظوري ڇو ڏني وئي. هن چيو ته ان ڳالهه جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته سينسر بورڊ اهڙي فلم جي منظوري ڪيئن ڏني جنهن جو نالو هڪ تاريخي ۽ قابل احترام شخصيت سان منسوب آهي. پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ۾ سڌارن جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سرڪاري نشرياتي ادارو  پهريون ڀيرو مالي طور تي مستحڪم ٿيو آهي. هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ فيفا ورلڊ ڪپ رڳو پي ٽي وي اسپورٽس نشر نشر ڪري رهيو آهي جيڪو اداري جي بهتر مالي ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن جي عڪاسي ڪري ٿو. وفاقي وزير ڪميٽي کي ٻڌايو ته پي ٽي وي جي مختلف مرڪزن ۾ هن وقت اٽڪل 216 ملازم ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته اداري جي ضرورتن موجب ڪانٽريڪٽ تي ڀرتيون ڪيون وڃن ٿيون جڏهن ته پروگرامنگ جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ نجي ٽي وي چينلز مان تجربيڪار اينڪرز کي پڻ پي ٽي وي جو حصو بڻايو ويو آهي. هن چيو ته پي ٽي وي جو بورڊ آف ڊائريڪٽرز مڪمل طور تي بااختيار آهي ۽ سمورا اهم فيصلا بورڊ جي منظوري سان ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته نجي شعبي سان تعلق رکندڙ ناليوارن پروفيشنل ماڻهن کي پڻ بورڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي وي گذريل هڪ سال دوران ملازمن جي پگهارن جي وقت سر ادائيگي جو سلسلو برقرار رکيو آهي ۽ ڪنهن ملازم کي پگهار جي ادائيگي ۾ دير کي منهن ناهي ڏيڻو پيو. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل ڪميٽي کي ٻڌايو ته گذريل مالي سال دوران پي ٽي وي ۾ نه ته پگهارن ۽ نه ئي پينشنرز جي ادائيگي ۾ ڪا دير ٿي آهي. هن چيو ته اٽڪل 300 رٽائرڊ ملازمن خاص طور تي بيواهن کي وقت سر ادائيگي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اداري پنهنجي خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي. اطلاعات واري سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته پي ٽي وي هلندڙ سال پروگرامن جي تياري ٻيهر شروع ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. اجلاس ۾ پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان جي مختلف عمارتن مان ريونيو گڏ ڪرڻ جي لاءِ قدمن بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ڪميٽي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ۽ ريڊيو پاڪستان جي ملازمن جي پينشن بابت مسئلن جي حل لاءِ کنيل قدمن جون رپورٽس پڻ طلب ڪيون. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته گذريل مالي سال دوران پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (ريڊيو پاڪستان) کي پگهارن ۽ پينشن جي مد م سڀ کان وڌيڪ رقم ادا ڪئي وئي. اجلاس ۾ پي ٽي وي ڪالوني جو معاملو پڻ غور هيٺ آيو جنهن تي اسٽينڊنگ ڪميٽي ايندڙ اجلاس ۾ سي ڊي اي عملدارن ۽ لاڳاپيل ڌرين کي طلب ڪري ورتو. اجلاس ۾ اين سي سي آءِ اي جي حوالي سان معاملو پڻ غور هيٺ آيو جنهن تي ڪميٽي جي چيئرمين اين سي سي آءِ اي کي ڪنهن به اخبار کي نوٽيس جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. اجلاس ۾ سينيٽ ميمبرن سينيٽر عبدالشڪور خان، سينيٽر سيد وقار مهدي، سينيٽر پرويز رشيد، (زوم ذريعي) ۽ سينيٽر جان محمد شرڪت ڪئي جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل، پيمرا چيئرپرسن، پي آءِ او، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سينيئر عملدارن سميت سي ڊي اي ۽ ٻين ادارن جا نمائندا پڻ موجود هئا.

مزید خبریں