اسلام آباد - 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هلندڙ سال کي معاشي ترقي ۽ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ جو سال قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪي معيشت استحڪام جي راهه تي گامزن آهي، پيداوار وڌائڻ ۽ روانگي واپار جي فروغ جي لاءِ ڪاروباري برادري کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اربع ڏينهن ايف بي آر سڌارن تي جائزه …
وزيراعظم پاران هلندڙ سال معاشي ترقي ۽ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ جو سال قرار

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هلندڙ سال کي معاشي ترقي ۽ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ جو سال قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪي معيشت استحڪام جي راهه تي گامزن آهي، پيداوار وڌائڻ ۽ روانگي واپار جي فروغ جي لاءِ ڪاروباري برادري کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اربع ڏينهن ايف بي آر سڌارن تي جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ جاري سڌارن ۽ ٽيڪس نظام ۾ بهتري تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اجلاس ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان جي معيشت استحڪام جي راهه تي گامزن آهي، هلندڙ سال معاشي ترقي ۽ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ جو سال هوندو. هن چيو ته ڪاروباري برادري ملڪي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، ان کي وڌيڪ پيداوار ۽ روانگي واپار جي فروغ جي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي وڃي. وزيراعظم ايف بي آر کي هدايت ڪئي ته ڪاروباري طبقي سان تعاون ۽ انهن جا جائز مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن. هن ايف بي آر جي سينيئر آفيسرن کي هر مهيني جي پهرين هفتي ۾ ڪراچي جو دورو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي ته جيئن ڪاروباري برادري سان سڌوسنئون رابطو ٿئي ۽ انهن جا مسئلا بنا ڪنهن دير جي حل ٿين. وزيراعظم چيو ته ٽيڪس قانونن جي پابندي ڪندڙ ڪمپنين جي سرڪاري سطح تي حوصلا افزائي ۽ انهن جي خدمتن جو اعتراف ڪيو ويندو، حڪومت جو مقصد ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ، سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ ۽ ٽيڪس نظام کي وڌيڪ شفاف ۽ آسان بڻائڻ آهي ته جيئن ڪاروباري برادري جو اعتماد وڌي. اجلاس کي ايف بي آر جي ڪارڪردگي ۽ جاري سڌارن جي لاڳو جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي جنهن موجب کنڊ، سيمنٽ، ٽائيلز ۽ فرٽيلائيزرز جي صنعتن جي پروڊڪشن مانيٽرنگ سسٽم لڳي چڪو آهي، ٽيڪسٽائيل ۽ مشروبات جي صنعتن جي پروڊڪشن مانيٽرنگ جو نظام لڳائڻ جو عمل جاري آهي، گذريل هڪ سال دوران شگر انڊسٽري ۾ پروڊڪشن مانيٽرنگ جي ذريعي 42 بلين رپين جو اضافو ٽيڪس گڏ ٿيو، سيمنٽ انڊسٽري ۾ گذريل هڪ سال دوران پروڊڪشن مانيٽرنگ جي ذريعي 38 بلين رپين جي اضافي ٽيڪس وصولي ٿي، گذريل هڪ سال دوران بيوريجز انڊسٽري ۾ پروڊڪشن مانيٽرنگ جي ذريعي 15 بلين رپين جو اضافو ٽيڪس گڏ ٿيو. اجلاس ۾ قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ۽ لاڳاپيل اعلى سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.









