نيويارڪ- 14 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر پروفيسر احسن اقبال پائيدار ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي يڪجهتي، موسمياتي انصاف ۽ عالمي مالياتي نظام ۾ سڌارن جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي قومي تبديلي جي حڪمت عملي جي فريم ورڪ اُڏام پاڪستان ذريعي پائيدار ترقيءَ جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ حڪومت جي …
پائيدار ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي يڪجهتي، موسمياتي انصاف ۽ عالمي مالياتي نظام ۾ سڌارا اڻٽر آهن: پروفيسر احسن اقبال

مزید خبریں
نيويارڪ- 14 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر پروفيسر احسن اقبال پائيدار ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي يڪجهتي، موسمياتي انصاف ۽ عالمي مالياتي نظام ۾ سڌارن جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي قومي تبديلي جي حڪمت عملي جي فريم ورڪ اُڏام پاڪستان ذريعي پائيدار ترقيءَ جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ حڪومت جي معاشي سڌارن ملڪي معيشت ۾ استحڪام ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد جي بحاليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن رٿابندي واري وزارت پاران جاري پريس رليز موجب وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ پائيدار ترقيءَ بابت اعليٰ سطحي سياسي فورم (ايڇ ايل پي ايف) 2026ع جي وزارتي اجلاس ۾ پاڪستان جو قومي بيان پيش ڪيو ۽ پائيدار ترقيءَ جي هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي يڪجهتي، موسمياتي انصاف ۽ عالمي مالياتي نظام ۾ سڌارن جي ضرورت تي زور ڀريو. اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل (اِي سي او ايس او سي) جي اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته 2030ع جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ صرف پنج سال باقي آهن، جڏهن ته عالمي معيشت کي درپيش بحرانن، موسمياتي آفتن، جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ ۽ وڌندڙ قرضن پائيدار ترقيءَ جي هدفن طرف اڳڀرائيءَ کي سست ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي قوم تبديليءَ جي حڪمت عملي جي فريم ورڪ اُڏام پاڪستان ذريعي پائيدار ترقيءَ جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. اها حڪمت عملي معاشي اؤسر ۾ تيزي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، جديد ٽيڪنالاجيءَ مان فائدو کڻڻ، موسمياتي لچڪ، توانائيءَ جي تحفظ ۽ اهڙي جامع ترقيءَ کي يقيني بڻائڻ تي کُتل آهي جنهن جا ثمر معاشري جي هر طبقي تائين پهچن. هن چيو ته گذريل ٻن ڏهاڪن دوران حڪومت جي معاشي سڌارن ملڪي معيشت ۾ استحڪام ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد جي بحاليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وفاقي زوير چيو ته 2022ع تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ان ڳالهه جي واضح ياد ڏياري ٿي ته پاڪستان موسمياتي تبديليءَ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته حڪومت ماحولياتي نظام جي بحالي، پاڻيءَ جي تحفط، صاف توانائيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ موسمياتي تبديليءَ سان هم آهنگ ترقياتي منصوبا بندي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن سنڌ طاس معاهدي جو حوالو ڏيندي چيو ته هڪ ڌُر طرفان ان معاهدي جي هڪ طرفي ۽ غير قانوني معطلي پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جي پاڻي تحفظ ۽ معاشي ذريعي لاءِ سنگين خطرو آهي جيڪو عالمي معاهدن جي احترام جي اصولن جي پڻ منافي آهي. وفاقي وزير عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته هو عالمي مالياتي نظام کي موجوده عالمي حقيقتن سان هم آهنگ بنائڻ، اُسرندڙ ملڪن کي رعايتي مالي وسيلن تائين بهتر رسائي فراهم ڪن، موسمياتي مالي معاونت بابت واعدن کي پورو ڪن ۽ اهڙا جديد مالياتي ذريعا متعارف ڪرائين جيڪي قدرتي آفتن کان اڳ ئي ملڪن جي سگهه ۽ لچڪ کي مضبوط بڻائي سگهن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل عالمي ذميداري آهي جنهن لاءِ فوري، مؤثر ۽ اجتماعي قدم اڻٽر آهن.











