پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان، 100 انڊيڪس ۾ 6408.23 پوائنٽس جي گهٽتائي

اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينھن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 6408.23 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 173518.81 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 565 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 40 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 439 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 86 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪاروباري سرگرمين دوران 912.613 ملين …

اسلام آباد- 14 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينھن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 6408.23 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 173518.81 پوائنٽس تي بند ٿيو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 565 ڪمپينن جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، 40 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 439 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 86 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. ڪاروباري سرگرمين دوران 912.613 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جنهن جي ماليت 45.613 ارب رپيا هئي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 1996.09 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 51709.62 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 9164.01 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 244367.91 پوائنٽس تي بند ٿيو. ڳاڻيٽي جي اعتبار سان سينر جيڪو پي ڪي 84.544 ملين شيئرز سان سرفهرست رهي، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ لميٽيڊ 43.532 ملين ۽ ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام 43.315 ملين شيئرز سان ترتيب وار ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي رهيا. سڀ کان وڌيڪ اضافو خيرپور شگر ملز لميٽيڊ جي شيئرز ۾ ڏٺو ويو جنهن جي قيمت 158.59 رپيا وڌي 2441.48 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته يوني ليور پاڪستان فوڊز لميٽيڊ جي شيئرز 92 رپيا اضافي کانپوءِ 25360 رپين تي بند ٿيا.

مزید خبریں