وفاقي وزير احسن اقبال جي يو اين ڊي پي جي ايڊمنسٽريٽر سان ملاقات، ترقياتي حصيداري کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق

گڏيل قومون- 14 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) جي ايڊمنسٽريٽر اليگزينڊر ڊي ڪرو سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن ۽ پاڪستان ۽ يو اين ڊي پي وچ ۾ پراڻي ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي مختلف رخن تي ڳالهيون ڪيون. اڱاري ڏينهن هتي وزارت مان جاري …

گڏيل قومون- 14 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) جي ايڊمنسٽريٽر اليگزينڊر ڊي ڪرو سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن ۽ پاڪستان ۽ يو اين ڊي پي وچ ۾ پراڻي ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي مختلف رخن تي ڳالهيون ڪيون. اڱاري ڏينهن هتي وزارت مان جاري پريس رليز موجب ان موقعي تي وفاقي وزير يو اين ڊي پي سان پاڪستان جي مضبوط شراڪتداري جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ قومي ترقياتي ايجنڊا جي مڪمل ٿيڻ ۾ اداري جي مسلسل تعاون جي تعريف ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقياتي حڪمت عملي اڏام پاڪستان پروگرام تي ٻڌل آهي، جنهن جو بنياد پنجن ترجيحي ٿنڀن تي رکيل آهي جن ۾ روانگي واپار، ڊجيٽلائيزيشن، ماحوليات، توانائي ۽ برابري شامل آهن. هن رٿابندي وزارت سان يو اين ڊي پي جي پراڻي تعاون کي ساراهيندي چيو ته اداري ايس ڊي جي سپورٽ يونٽس ذريعي پائيدار ترقياتي هدفن کي مقامي سطح تائين منتقل ڪرڻ ۽ 2025ع کي ايس ڊي جيز پاليسي ڊائلاگ فار ايڪشن جي منعقد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان جي ايس ڊي جي پلس پروگرام تي به تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، جنهن جو مقصد صوبائي سطح تي وڌيڪ اثرائتي شموليت ۽ مقامي قدمن ذريعي پائيدار ترقياتي هدف تيزي سان لاڳو ڪرڻ آهي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته ايس ڊي جيز جي هدفن کي مقامي برادرين تائين پهچائڻ لاءِ صوبائي سطح تي عملدرآمد جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ اڻٽر آهي. وفاقي وزير يو اين ڊي پي جي ايڊمنسٽريٽر کي آگاهه ڪيو ته قومي اقتصادي ڪائونسل اهم سماجي اهڃاڻن تي صوبن جي ڪارڪردگي جو ٽه ماهي جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته انساني ترقي سان لاڳاپيل ڪيترائي شعبا صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهن. اليگزينڊر ڊي ڪرو پائيدار ترقياتي هدفن جي موثر لاڳو ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي اداره جاتي سڌارن جي تعريف ڪئي ۽ پاڪستان جي پائيدار ترقياتي ايجنڊا جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پروفيسر احسن اقبال چيو ته پاڪستان جي ترقياتي هدفن کي قرضن جي ادائگين ۽ محدود مالي گنجائش جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته يو اين ڊي پي پاڪستان لاءِ ترقياتي ۽ موسمياتي مالي وسيلن جي فراهمي خاص ڪري ايس ڊي جيز سان هم آهنگ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجو تعاون جاري رکندي. وفاقي وزير مالي ڏکيائين باوجود پاڪستان ۾ پنهنجي موجودگي برقرار کرڻ تي يو اين ڊي پي جي تعريف ڪئي، جڏهن ته هن اداري جي بنيادي فنڊنگ ۾ نمايان گهٽتائي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي ترقياتي نظام ۾ جاري سڌارن سان اسرندڙ ملڪن خاص ڪري پاڪستان لاءِ مدد ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي نه ڪو گهٽتائي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته يو اين ڊي پي جي بنيادي ترقياتي مينڊيٽ کي مضبوط رکيو وڃي ۽ ملڪ جي سطح تي تعاون کي قومي ترجيحن سان هم آهنگ رکيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته ناروي جو ولي عهد يو اين ڊي پي جو گڊ ول ايمبيسڊر به آهي، کي ايندڙ پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ان دوري سان پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن کي عالمي سطح تي وڌيڪ اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. پروفيسر احسن اقبال وزيراعظم پاڪستان پاران اليگزينڊر ڊي ڪرو کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني. ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي ڌرين پاڪستان جا پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪ اندر ۽ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز جي سطح تي گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه وٺائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.